اليڪٽورل ڪاليج اڻپورو هو، صدارتي اليڪشن غير قانوني آهي: عمر ايوب

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اليڪٽورل ڪاليج مڪمل نه هئڻ سبب صدارتي اليڪشن غير قانوني آهي، مخصوص  سيٽن جي ورڇ وارو معاملو عدالت ۾ چئلينج ٿيل آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جون پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري روڪي چڪي آهي. عمر ايوب چيو ته  پي ٽي آءِ کي پنهنجون مخصوص سيٽون مليون ته صدارتي چونڊون ٻيهر ڪرائڻيون پونديون، پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.