ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ) وڪيل اڳواڻن عوامي تحريڪ جي باني اڳواڻ، ترقي پسند پورهيت مارڪسي لينني دانشور، ڪهاڻيڪار، شاعر ،سنڌ جي درياءَ ، سنڌ جي پاڻي جو مضبوط ڪيس ٺاهي پائيدار ويڙهه ڪندڙ، /ڏسو صفحو 7 ڪالم 3
ڪوٽ لکپت قيد جي فاتح رسول بخش پليجو کي مارڪس لينن، مائوزي تنگ جو تسلسل ۽ سنڌ جو عالمي ليول جو ڏاهو، 20 هين ۽ 21 هين صدي جو سنڌ جو سپوت قرار ڏيندي سنڌ جي قومي ۽ انقلابي جدوجهد جي منزل ماڻڻ لاءِ پليجو فڪر جي تعليم جي حاصلات لاءِ نوجوان وڪيلن ،شاگردن،شاگردياڻين ۽ اديبن کي هن جا لکيل ڪتاب پڙهڻ ۽ وڊيو ڏسڻ جو مشورو ڏنو. اها ڳالهه چنڇر ڏينهن سنڌ پرست لائيرزطرفان رسول بخش پليجو جي سياسي، ادبي ۽ جمهوري جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪراچي بار ايسوسيئشن جي جناح آڊيٽوريم ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ تقريرون ڪندي چئي وئي. ان موقعي تي نامور وڪيل ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻ وڪيل مسعود نوراني چيو ته رسول بخش پليجو مذهبي انتها پسنديءَ جي ماحول ۾ راجا ڏاهر کي سنڌ جو سورمو قرار ڏنو، پليجي صاحب انڌا اونڌا ويڄ ڪتاب لکي بنياد پرستن کي فڪري شڪست ڏني ۽ سنڌ جي رواجي ۽ چالوسياست کي نئين موڙ ڏنو، هن سنڌي ۾ ووٽر لسٽ ڇپائڻ واري جدوجهد ۾ ماٺار کي ٽوڙڻ لاءِ پنهنجي گهر جي نياڻي اختر بلوچ کي بک هڙتال تي ويهاري جدوجهد کي ڪامياب ڪيو،هن عورتن کي سياست ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجين ڀينرن ۽ زال کي روڊن رستن تي آڻي جيل موڪليو، ، هو هر روپ رنگ ۾ سنڌ جو بهادر سپوت هو.عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته پليجو پنجاب طرفان سنڌ جي پاڻي جي چوري تي سنڌ جي ڏاهي وڪيل جي حيثيت ۾ هڪ تاريخي ڪيس تيار ڪري ” پنجاب، سنڌ پاڻي جو تنازعو “ جي نالي سان انگريزي ۾ ڪتاب لکي ڏئي ويو آهي ۽ هن ڪالاباغ ڊيم خلاف عوامي جدوجهد ڪري ملڪي ليول تائين سنڌ خلاف ان سازش کي ناڪام بڻايو، هو سپريم ڪورٽ جو وڪيل هوندي به غريبن جي ڪيسن لاءِ ننڍين ڪورٽن ۾ به ويندو هو، هن جدوجهد جي سائنس ۾ نوان طريقا متعارف ڪرايا، هن افغانستان ۾ سامراج جي مداخلت ۾ پاڪستان جي سهڪار ڪرڻ جي معاملي تي محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ پاڪستان تي ڪنٽرول رکندڙ قوتن کي خبردار ڪيو هو ته ان جا نتيجا پاڪستان لاءِ تباهي آڻيندا ۽ ائين ٿيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ وڪيل وسند ٿري چيو ته رسول بخش پليجو ڪارل مارڪس، لينن، مائوزي تنگ جو تسلسل ۽ سماجي سائنسدان هو،هن پنهنجي فڪر جي روشني ۾ سنڌ جي قومي غلامي ۽ ٻين خصوصي حالتن تحت قومي عوامي جمهوري انقلاب جو فڪر ڏنو۽ هو هو سنڌ جو پهريون سياستدان هو جنهن مارڪسزم جي روشني ۾ پوئتي پيل سماج جي پيڙهيل عورت ۽ هارين کي بيدار ڪري عملي طور سياسي جنگ ۾ اڳتي آندو، پليجو صاحب ۾سياست، ادب ۽ جوجهد جا انيڪ رنگ هئا ۽ هو عالمي ليول جو پورهيت اڳواڻ ۽ کاٻي ڌر جو اسڪالر هو، سنڌ جا وڪيل پليجو جي پيروي ڪندي سنڌ جا وڪيل بڻجي وڃن ، وڪيل فرح قريشي چيو ته پليجو صاحب محروم طبقن جو وڪيل ۽ اڳواڻ هو ۽ سنڌي سماج جي ڏتڙيل محروم عورتن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪري وڏو تاريخي ڪم ڪري ويو آهي. ان موقعي تي وڪيل جهانگير راهوجو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، اياز چانڊيو، نعيم قريشي، وڪيل منظور کوسو، سرويچ عباسي ۽ ٻين تقريرون ڪندي چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ ۽ عالمي انقلابي جوجهد جو نچوڙ ۽ هيرو هو، جنهن لاهور جي جيل ڪوٽ لکپت کي فتح ڪيو، جنهن اسٽبلشمينٽ ۽ جرنيلن سان اکين ۾ اکيون ملائي بي باڪي سان للڪاريو ۽ کين پاڪستان کي آمريڪا وٽ وڪرو ڪرڻ کي پاڪستان سان غدار قرار ڏنو، هن جرنيلن جي سهاري سان وزيراعظم جي نوڪري وٺڻ کي عارضي فائدو ۽ ڪوڙي جمهوريت قرار ڏنو. هنن چيو ته سنڌ جي نئين نسل ۽ نوجوان مرد عورت وڪيلن کي سنڌ جي نجات لاءِ پليجو صاحب جا ڪتاب پڙهڻ ۽ وڊيو تي موجود انٽرويو، تقريرون ۽ ليڪچر ٻڌڻ گهرجن. تقريب جي پڄاڻي تي سنڌ پرست لائيرز جي چيئرمين وڪيل اصغر ناريجو چيو ته ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ سنڌ جي سمورن سنڌ پرست سياستدانن، اديبن، دانشورن ۽ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪيا ويندا.ان موقعي تي وڪيل راحيل ڀٽو، وڪيل عبدالله ٻپڙ، وڪيل مقصود سومرو، وڪيل خالد تنيو، شاگرد اڳواڻ نويد ڪلهوڙو ۽ ٻيا وڪيل ۽ صحافي به موجود هئا.