لاهور( م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت زمان پارڪ پوليس ڪارروائي دوران باهه لڳڻ واري ڪيس ۾ صحافي عمران رياض جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد عمران رياض تي 2 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته 22 فيبروري تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائم ونگ اعليٰ عدليه ۽ ججن خلاف نفرت پکيڙيندڙ الزامن جي جاچ شروع ڪندي يوٽيوب اسد طوري ۽ صحافي عمران رياض کي طلب ڪيو هو، ٻئي ڏينهن عمران رياض کي 22 ۽ 23 فيبروري جي وچ تي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن سندس گهر مان گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته 23 فيبروري تي لاهور جي ضلعي عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي صحافي عمران رياض کي گرفتار ڪيو هو. جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو، پهرين مارچ تي لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت ٿريبي ڍنڍ ڪانٽريڪٽ ڪيس ۾ صحافي عمران رياض خان جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عمران رياض خان کي طلب ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت. اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) زمان پارڪ ٻاهران باهه لڳڻ ڪيس ۾ صحافي عمران رياض جو 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
-
اتر وزيرستان ۾ ڪارروايون، 10 دهشتگرد مارجي ويا
راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻه الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 10 دهشتگردن کي ماريو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد زخمي به ٿيا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران 4 دهشتگردن کي ماريو ويو، جنهن کانپوءِ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ آپريشن ۾ وڌيڪ 4 دهشتگرد مارجي ويا. پڌرائيءَ موجب ٻي ڪارروائي ۾ فورسز کي پاڪ افغان سرحد تان دراندازي ۽ 5 دهشتگردن جي چرپر جو اطلاع مليو، جنهن تي فوري طور ايڪشن ورتو ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.