لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي آصف زرداري کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻندڙ شخصيت جو صدر چونڊجڻ وفاق لاءِ سٺي خبر آهي، آصف زرداري پارليامينٽ ۽ وزيراعظم جي عهدي کي طاقتور بڻايو هو. هن چيو ته آئين، جمهوريت ۽ وفاق دوست صدر جي موجودگي ۾ حڪومت مهانگائي مان ڇوٽڪاري، معاشي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهندي. سندس چوڻ هو ته مان بلاول ڀٽو زرداري، بختاور، آصفه ۽ فريال ٽالپر کي به مبارڪون ڏيان ٿي.