اسلام آباد (م ڊ ) نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽروي پوليس سوين ملازمتن لاءِ خالي جاين تي ڀرتين جو اعلان ڪيو آهي، اميدوارن کان آن لائن درخواستون گهرايون پيون وڃن.وفاقي حڪومت پاران موٽرويز پوليس ۾ گريد 15 تائين جون 2 هزار 331 خالي جاين تي ڀرتي جي منظوري ڏني وئي آهي.مواصلات واري وزارت جاين تي ايندڙ هفتي کان ڀرتي جو عمل شروع ڪندي، سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊوميسائل وارا اميدوار لاڳاپيل صوبن ۾ ئي مقرر ڪيا ويندا.