واٽر بورڊ کي چيو آهي ته منهنجي گهر ۾ پاڻي اچڻ تي خوشي ٿيندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته منهنجي گهر ۾ پاڻي ناهي، واٽر بورڊ کي چيو آهي ته منهنجي گهر ۾ پاڻي اچڻ تي  خوشي ٿيندي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي  آئي آهي، پاڻي جي فراهمي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، ڪي فور  125 ارب رپين جو منصوبو آهي، جنهن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ 2027 تائين اھو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت حب ڊيم مان ڪراچي لاءِ 100 ملين گيلن پاڻي مخصوص ڪيو آهي، برسات سبب حب ڊيم ۾ 3 سالن جو پاڻي موجود آهي. هن چيو ته 46 پارڪن ۾ سولر سسٽم لڳائي سگهجي ٿو، انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ملير ايڪسپريس وي تي ڪم جاري آهي، ملير ايڪسپريس وي جو ڪم 23 مارچ 2025ع تي مڪمل ڪيو ويندو،

 

منصوبي سان بلوچ ڪالوني ۽ شارع فيصل جي ٽريفڪ ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته ڪورنگي ڪاز وي پل جو ڪم 15 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ڄام صادق پل جو ٽينڊر به ٿي چڪو آهي، پر بدقسمتي سان ميونسپل ٽئڪس جو ڪو به رجحان ناهي، مسئلا وزيراعظم نه پر لوڪل گورنمينٽ ذريعي حل ٿين ٿا، ميونسپل ٽيڪس ادا ڪريو ۽ پوءِ مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ميئر ڪراچي چيو ته شهر ۾ 5 هزار واٽر ٽينڪر آهن جن مان 3 هزار رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، رجسٽرڊ ٽينڪرن ۾ بارڪوڊ اسٽيڪرز ۽ ٽريڪرز لڳايا ويا آهن، جيڪي ٽينڪر رجسٽرڊ ناهن انهن جو مطلب آهي ته پاڻي چوري ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.