جي ڊي اي طرفان ڌانڌلين خلاف سڀاڻي پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حمايت جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر )جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتن فراڊ اليڪشن وسيلي ٺھيل حڪومتن جي خاتمي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان  ڪندي پي ٽي آئي جي سڀاڻي آچر جي ڏينھن سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ،اھڙو اعلان جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي جي ڊي اي ۽  اتحادي پارٽين جي اجلاس کانپوء فنڪشنل ليگ ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،ان موقعي تي سيد زين شاھ،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،سردار عبدالرحيم ،مسرور سيال،سيد جلال شاھ ڄاموٽ،مظھر راھوجو،بئريسٽر حسنين مرزا،نند ڪمار گوڪلاڻي، راجا اظھر، عبدالرزاق راھمون،ارباب انور، انجنئير عبدالڪريم شر ، خواجا نويد سميت ٻيا اڳواڻ موجود ھئا، سيد صدرالدين شاھ راشدي وڌيڪ چيو ته  اجلاس ۾ طئه ڪيو آهي ته جي ڊي اي پي ٽي آءِ جي  سڀاڻي تي ٿيندڙ احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪندي.

 

ھن چيو ته  اليڪشن 8 فيبروري تي ٿيون آھن پر نتيجا اڃان تائين جاري آھن، ھن چيو ته ووٽ ڪم نه آيو نوٽ ڪم آيو اسان کي نتيجا قبول ناھن، فراڊ اليڪشن کي رد ڪيو آهي ، اسان جو پر امن احتجاج جاري رھندو جيستائين جعلي ووٽ وسيلي ٺاھيل حڪومتون گھر ڀيڙيون نٿيون ٿين، اسان عوام جي ووٽ کي عزت ۽ تحفظ ڏيڻ چاھيون ٿا، اسان آئين جي دائري ۾رھندي پنھنجي جدوجھد جاري رکنداسين، صدارتي اليڪشن جي صورت ۾ عوام تي وائسراءِ ٿاڦيو پيو وڃي، ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته منھنجي خيال ۾ آئي ايم ايف ڪڏھن پنھنجي گراھڪ کي ناھي ڇڏيندي، اھا پئسا ڏيندي، موجودہ صورتحال ۾ گڏيل جدوجھد عوام جي ووٽ سان جيڪا زيادتي ٿي آھي اھو حق عوام کي واپس ڏيارڻ لاء پرامن گڏيل عوامي جدوجھد جاري رھندي، سيد صدرالدين شاھ  چيو ته جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتن جا ڪارڪن ڪاري ڏينھن جي موقعي تي ميدان ۾ ھئا پوليس آفيسرن مولانا راشد محمود سومرو سان ڳالھيون ڪري روٽ طئي ڪيو ھو ان جي پوليس پاڻ خلاف ورزي ڪئي اسان جو احتجاج مختصر ھو پر سنڌ جي نگران حڪومت ڪنٽينر ھڻي ڪراچي کي سيل ڪري ڇڏيو، اسان جو پروگرام ٻه ڪلاڪن جو ھئو پر حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب پندرنھن ڪلاڪن تائين ميڊيا ۽ اسان سڀ مصروف رھياسين، معشيت کي بھتر ڪرڻ لاءِ ادارا سڀني کي گڏجي ويھارين ۽ ان سان گڏ عوام جي ووٽ جو تقدس بحال ڪيو وڃي .پي ٽي آئي اڳواڻ مسرور سيال چيو ته تاريخ جون بدترين چونڊون آھن، جن کي قبول نه ڪنداسين ،ھن اليڪشن رياست کي کليل طريقي سان وائکو ڪيو آهي، ھي صرف اسان جي مينڊيٽ جي چوري ناھي پر قوم سان غداري آھي ملڪ ۾  انارڪي ۽ مايوسي پکڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.