حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس حيدرآباد تي رھبر ڪميٽي جي سربراھ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور جيئي سننڌ تحريڪ جي صدر سورھيا سنڌي نواز شاهه ڀاڏائي ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي انور بڙدي حيدر چانڊيو وسيم نواز ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 25 اپريل تي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي جو گڏيل جلسو سن ۾ ڪيو ويندو سنڌ ۾ بدامني اغوائن، قتلام ۽ سنڌ جي زرعي زمين فوج جي حوالي ڪرڻ خلاف 10 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا جيئي سنڌ محاذ پاران اعلانيل اھي مظاھرا ھاڻي جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران ڪيا ويندا، اجلاس ۾ فيصلو ڪندي رياض علي چانڊيو کي ھڪ ڀيرو ٻيھر جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراھ چونڊيو ويو، اجلاس دوران حيدرآباد ۾ پرامن احتجاجي مظاھري دوران سياسي ڪارڪنن تي تشدد لٺبازي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جو امن امان حڪمرانن کسي سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن ۽ چورن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي، پوليس ۽ رينجرز اربين روپيا بجيٽ کائين ٿيون پر ڌاڙيل سريعام ماڻھو قتل پيا ڪن ھي سڀ ڪجهھ حڪمران پاڻ پيا ڪن ھڪ طرف ڌاڙيل راڄ ته ٻي طرف ڪراچي حيدرآباد ۽ وڏن ننڍن شھرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌايو ويو آھي ته جيئن سنڌ جا شھري خوفزدا رھن ۽ ھر وقت پاڻ کي غير محفوظ سمجھن پنھجي تعمير ترقي ۽ حقن لاءِ سوچڻ ڇڏين ڏين سنڌ کي حڪمرانن ڌاڙيلن رينجرز ۽ پوليس جي چئوطرفي عتاب ۾ اڇلايو ويو آھي سنڌ ۾ وسيلا سڄي ملڪ کان وڌيڪ آھن پر بک جو راڄ به سنڌ ۾ آھي باقي بچيل زمين به ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي فوج جي حوالي ڪئي پئي وڃي جيڪا دراصل سنڌ جي بي زمين ھارين ۾ ورھائي وڃي ته ھو پاڻڀرا ٿي سگھن.