ڪراچي اوڀر (ن ع آ) ايپڪا شهيد ساقي پاران ڪراچي ۾ تاريخي ماڳن کي مسمار ڪري زمينون بلڊر مافيا حوالي ڪرڻ ۽ ملازمن جو حق مارڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ احتجاجي بينر کڻي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن ملڪ خورشيد، احمد قادري، عبدالغفور عباسي، احسان مگسي، اعجاز علي ڀٽو، عابد حسين سومرو، فقير محمد مڱريو، محمد قاسم شاهد منير، مقبول احمد ۽ ٻين دانهيندي چيو ته نورادات کاتي ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي ۽ تاريخي ماڳن کي مسمار ڪرڻ لاءِ اين او سي ڏئي هيريٽيج کي مسمار ڪري زمينون بلڊر مافيا جي حوالي ڪيون پيون وڃن ۽ حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ملازمن جون بدليون ۽ معطليون ڪري ناانصافي ڪئي پئي وڃي
۽ ملازمن کي ميرٽ تي پروموشن ڏيڻ بدران سفارشي ماڻهن کي اڳتي آڻي حقدار ملازمن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ملازمن کي پنهنجا جائز حق ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.