حيدرآباد قتل بگڙجندڙ سماج جو ھڪ آئينو

دنيا ۾ 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي. ان کان هڪ ڏينھن اڳ حيدرآباد ۾ هڪ نياڻيءَ يسريٰ  بتول کي سندس ڀاءُ سميت هڪ وحشي شخص سڌيون گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.جنھن بعد ھن پاڻ کي بھ گولي ھڻي ماري ڇڏيو.

بظاھر اھو انفرادي واقعو آھي اسان جي سماج ۾ جيڪو ڪجهه وھي واپري پيو ان جو ھڪ آئينو آھي.جنھن مان سنڌ ۾ ھڪ ٻار جي شخصيت جي ٿيندڙ پرورش جو پتو پئي ٿو.جنھن سان اھو بھ محسوس ٿئي ٿو تھ اسين ڪھڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رھيا آھيون.جيترا وات اوتريون ڳالھيون آھن، پر چيو پيو وڃي تھ قاتل شخص مقتول نياڻيءَ سان هڪ طرفي محبت ڪندو ھو.معلومات موجب قاتل بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان ڪنھن زميندار ڪٽنب جو فرد ھو. بدقسمتي سان اھو جنھن سماج مان آيو ھو اتي شايد اھڙي قسم جي حوس،ھٺ ڌرمي ۽ دادگيري سان ڪنھن کي زير ڪرڻ کي ئي محبت سمجھيو ويندو آھي.

سو اھڙي قسم جي ذھني خلل بعد ھو مقتولھ نياڻي کي تنگ ڪندو رھيو،جنھن جي نياڻي جي مائٽن کي خبر پوڻ بعد قاتل نياڻي جي مائٽن کان ان عمل تي معافي بھ ورتي ھئي.ھن سماج  ڪنھن کي محبت ڪرڻ کان نٿو روڪي سگھجي،پر ھي تھ ڪنھن بھ ريت محبت نٿي چئي سگھجي.محبت لاءِ ڪنھن کي بھ مجبور نھ ڪبو آھي.محبت ۾ ڪنھن کي بھ قتل نھ ڪبو آھي.ھروڀرو ڪنھن کي پنھنجي محبت مڃرائڻ لاءِ دٻاءُ نٿو وجهي سگھجي.ان سان تھ رھندو سماج ۾ وڌيڪ خلفشار کي ھوا ڏني وڃي ٿي.پنھنجي انا جي تسڪين کي اھڙي نازڪ ۽ نفيس جذبي سان ڀيٽي نٿو سگھجي.

ٻڌندا اچون ٿا تھ سنڌ جا ماڻھون وڌيڪ رحمدل آھن، مھمانواز ۽ صوفي مزاج رکندڙ آھنپر جيڪو ڪجهه ٿي رھيو آھي ان مان اھڙي ڪا ثابتي نٿي ملي.ڌاڙيل ماڻھون اغوا ڪري انھن تي وحشياڻي تشدد جون وڊيو وائرل ڪن ٿا.ٻارڙا اغوا ڪري انھن سان زيادتيءَ ڪئي وڃي ٿي،سنڌ ۾ اقليتون محفوظ نھ آھن.ايتري تائين جو ھاڻي تھ قبرجي جاءِ بھ مذھب،ذات پات ۽ ٻين ويڇن ڪري نٿي ملي.

سنڌ ۾ ڌاڙيلن جون ڪارروايون رڪيون تھ ڪڏھن ناھنپر جنرل ضيا جي دور ۾ اھي حد کان وڌيڪ ھيون، اھڙي آزار سبب سنڌ جو خاصو نوڪري پيشھ ۽ ٿورو ٿڪو ڪاروبار ڪندڙ ماڻھون پنھنجي ٻچن جي مستقبل سنوارڻ جا خواب کڻي شھرن ۾آيا.جنھن سان شھرن ۾ نيون نيون آباديون جڙيون ۽ ھڪ نئون سماج اڏجي ويو.جتي ڪنھن حد تائين ويجھڙائپ ٿي ۽ نوان رشتا ناتا جڙيا.

سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شھر حيدرآباد بھ انھن شھرن ۾شامل آھي،جتي آبادي وڌي ۽نوان  علائقا بھ آباد ٿيا،گذريل چاليھارو کن سالن ۾ اھو سڀ ڪجهه ٿيو آھي ۽ تاحال اھو سلسلو جاري آھي.پر ان ھوندي بھ سولائيزيشن يا وري سڌرڻ ۾ بھرحال وقت لڳي ٿو.ھو ھڪ قدرتي قانون آھي.ڪنھن وٽ غلط يا درست نموني ڪجهه پئسا اچڻ سان اھي ڌريون سڌري وڃن اھو ممڪن نھ آھي.

ويھارو کن سالن کان سڄي دنيا جيان اسان وٽ بھ جديد ٽيڪنالوجي گھڻو ڪجهه بدلائي ڇڏيو آھي،جنھن جا منفي اثر پڻ سماج تي ظاھر ٿي رھيا آھن،جنھن لاءِ تربيت،تعليم ۽ نظرداري جي کوٽ سان گڏ مجموعي ماڻھپي واري ماحول جو بھ فقدان آھي.  ڊجيٽلائزيشن واري نئين دور جي ميڊيا سطحي ۽ اڌوري معلومات ڏئي مٿاڇرا جذبا ڀڙڪايا آھن.جن کي ڪو جٽا نھ آھي.ھڪ ٻار جي واڌ ويجھھ دوران ھن جي ذھن تي ٿيندڙ اثر سندس  شخصيت تي اثر ڪري ٿي.ھاڻوڪي ڀڙڪو ڏنل ميڊيا اھڙيون ئي شخصيتون جوڙيون آھن، جيڪي سندن اندران کوکليون،ڇسيون۽ سطحي آھن.

هيءُ سانحو به ان جو ئي آئينو آھي، نفسياتي بيمارين جي ور چڙھيل ھن سماج ۾ اھڙا ڪئين ڪيس موجود آھنپر انھن مان جڏھن جو سامھو اچي ٿو ۽ اھو سماج جي وڏي حصي کي متاثر ڪري ٿو تھ اسان جو ذھن ان طرف وڃي ٿو پر اھو سڀ ڪجهه ھاڻي بھ آسپاس ٿي رھيو آھي. مقتول نياڻي  يسريٰ بتول ۽ سندس ڀاءَ آغا آڪاش پٺاڻ  قانون جي شعبي ۾ سيڪنڊ ايئر جا شاگرد ھئا. اھي پيپر ڏئي موٽرسائيڪل تي گھر اچي رھيا ھئا تھ  نقاش ولاز واري علائقي ڀرسان قاتل انھن مٿان فائرنگ ڪئي.اھي ٻئي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا.ڪار ۾ سوار جوابدارارشاد کوکر  پهرين سندن موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي انھن کي ڪيرايو ھو.

اھڙي واقعي سبب سڄي سنڌ ۾ خوف واري ڪيفيت ڇانيل رھي ۽ ماڻھون سڄو ڏينھن ان واقعي تي بحث ۽ تبصرا ڪندا رھيا،مجموعي طورتي واقعي جي نندا ڪئي وئي ۽ ان کي نياڻين جي تعليم۽ عورتن جي آزادي خلاف ھڪ رڪاوٽ قرار ڏنو ويو.ماھرن جو چوڻ آھي تھ ڪو بھ ڪنھن جو قتل ان ڪري ڪندو آھي جو ان کي خوف ھوندو آھي تھ ھو ھارائي ويندو، ان ڪري قاتل اھڙو قدم کڻي مقتول جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيندو آھي.ھي واقعو بھ قاتل جي بزدلاڻي نفسيات جو ھڪ مظھر آھي.

ھي ھڪڙو واقعو انھن سمورن والدين ،شاگردن،سماجي ۽ سياسي مفڪرن کي ان طرف سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو تھ اھڙي سماجي بگاڙ جو ھو مناسب ۽ مثبت حل ڏنو وڃي،جيئن سنڌ جو عام ماڻھون پنھنجي ۽ پنھنجي ڪٽنب سان گڏ سک جو ساھ کڻي سگھي ۽ اھو معاشري ۾ ترقي ۾ پنھنجو حصو وجھي سگھي.

ھئڻ تھ ائين گھرجي جو اھڙن واقعن کي ڪيس اسٽڊي ڪري کنيو وڃي ۽انھن جو ھر ڀاسي کان اڀياس ڪري ان جو نتيجو سامھون آندو وڃي،جنھن سان گھٽ ۾ گھٽ اھو پتو تھ پئجي سگھي تھ ھي سماج ڪھڙي طرف وڃي رھيو آھي ۽ ان جي ڪنھن بھتر حل لاءِ امڪاني طور ڪھڙا اپاءُ ڪري سگھجن ٿا.جنھن سان نوجوانن جي ھڪ وڏي فوج کي ڪھڙي مثبت طرف ڪتب آڻي ان کي سماج جي لاءِ ڪارائتو بڻائي سگھون ٿا.

پنھنجي انا جي تڪسين لاءِ ڪنھن مٿي ڦريل نوجوان جي اھڙي انتھائي قدم ھڪ ئي وقت ٽي قتل ڪري،سموري معاشري کي ڇرڪائي ڇڏيو آھي.بھتر ايئن آھي تھ اھڙي ڪيفيت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ ۽ ان کان بچڻ جي لاءِ سمورا سماجي ادارا ۽ حڪومت اڳتي اچن ۽ ان جي سمورين پاسن کي ڇنڊي ڇاڻي انھن کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر عمل ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.