ڪنهن هڪ اداري جي بالادستي کي نٿا مڃون: فضل الرحمان

لاهور(م ڊ)جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان کي جبر جي بنياد تي هڪ قوم نٿو بڻائي سگهجي،  بلڪه اخلاقي ۽ فڪري بنيادن تي قوم رهڻ ڏنو وڃي.اسان هڪ اداري جي بالادستي تسليم نٿا ڪريون تنهن ڪري پنهنجي حدن ۾ رهو،لاهور ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) پنجاب جي جنرل ڪائونسل کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان اسٽيبلشمينٽ کي خبردار ڪندي چيو ته اخلاقي ۽ فڪري بنيادن تي هڪ قوم رهڻ ڏيو،اسان کي  جبر جي بنياد تي هڪ قوم نٿو بڻائي سگهجي، اسٽيبلشمينٽ ٻڌي وٺي اهو فضل الرحمان جو آواز آهي ۽ اسان جي پارٽي جو به آواز آهي.مولانا فضل الرحمان ڪنهن به اداري جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته اسان ڪنهن هڪ اداري جي بالادستي کي نٿا مڃون تنهن ڪري پنهنجي حدن ۾ رهو، ڳوٺن، ڳوٺن ۾ وڃي پنهنجي من پسند ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي۔

 

هن چيو ته منهنجي پارٽي کي چيو وڃي ٿو ته فلاڻي اميدوار کي اسان جي حق ۾ هٿ کڻايو، اسان جي اميدوارن کان پئسا گهريا ويندا آهن، جيڪڏهن ثبوت پيش ڪيا ته لڪڻ لاءِ اوهان وٽ ڪا به جاءِ نه بچندي.هن چيو ته الله نه ڪري  مان هن ملڪ کي بنگال جي صورتحال ڏانهن ويندي ڏسي رهيو آهيان، پارليامينٽ جي حيثيت نمائشي اداري جي آهي،جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي.اسان جمهوريت کي ڪفر چوڻ وارن سان وڙهي رهيا آهيون پر اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي،جيڪڏهن ڌانڌلين سان پارليامينٽ بڻجندي رهندي ته پارليامينٽ پنهنجي اهميت وڃائي ويهندي، اسان جمهوريت جي مفهوم جو تعين عالمن اڪابرن جي مشوري سان ڪيو آهي، اسان کي جمهوريت مطابق تسلسل سان هلڻ ڇو نه پيو ڏنو وڃي، هن چيو ته پارليامينٽ پنهنجي مرضي سان آندي پئي وڃي ته جيئن پارليامينٽ مغرب جي مفادن جو تحفظ ڪري، حڪمرانن مان اميد نه رکو،اهي پنهنجي مرڻ کان اڳ پنهنجي غيرت دفن ڪري چڪا آهن،هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۽ فلسطين ۾ پنهنجي ڪردار کان پوءِ ڪهڙي منهن سان انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، آمريڪا کي خبر آهي ته اهي ماڻهو اسان لاءِ مشڪل پيدا ڪري سگهن ٿا، اسان رڳو پارليامينٽ ۾ نه بلڪه پارليامينٽ کان ٻاهر به مشڪلات پيدا ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته اسان جو منشور آهي ته اسان محڪوم ماڻهن جو آواز بڻجون ٿا، مون شهبازشريف کي چيو ته اپوزيشن ۾ اچي وڃو ڪٿي اسان جي تحريڪ جو نشانو توهان نه بڻجي وڃو،، هن چيو ته اسان ڌانڌلي سياسي جماعتن نه بلڪه اسٽيبلشمينٽ ڪئي آهي، گهڻين پارٽين کي ميدان جي تڪڙ اهي توهان کي خبر آهي ته ميدان اسان جو هوندو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.