آئن اسٽائن وانگر شهباز شريف به آزمائشن کان نه ڊڄندو: آصف زرداري

اسلام آباد (م ڊ) اتحادين آصف زرداري کي صدر بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آصف زرداري ملڪ جو صدر ٿيو ته هم اهنگي وڌندي. اسان جون پاڙون کوکليون ڪيون پيون وڃن، جڏهن  ته آصف زرداري چيو آهي ته آئن اسٽائن وانگر شهباز شريف به چئلينجن کان نه گهٻرائيندو. شهباز شريف قومي اسيمبلي ميمبرن جي مان ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ اتحادي جماعتن جا سربراهه، اڳواڻ، سينيٽر ۽ چونڊيل ميمبر شريڪ ٿيا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم پاڻ آجيان ڪئي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، بي اي پي صدر خالد مگسي، سينيٽر منظور ڪاڪڙ، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪنوينر خالد مقبول صديقي، آءِ پي پي اڳواڻ عون چوڌري، سينيٽر اسحاق ڊار، مسلم ليگ ضياءُ جو اڳواڻ اعجاز الحق ۽ ٻيا به وزيراعظم هائوس پهتا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته   خيبر پختونخواهه اسان جو پنهنجو صوبو آهي، ڪوشش هوندي ته گڏجي هلون، اتفاق راءِ سان وفاق ۾ حڪومت قائم ٿي آهي، عوام جي فيصلي جو سڀني کي احترام ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته  آصف زرداري اسان جو گڏيل صدارتي اميدوار آهي، سموريون اتحادي جماعتون گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍنديون، ڪي پي ۾ جنهن کي مينڊيٽ مليو آهي، اسان ان جو احترام ڪيون ٿا. هن چيو ته خيبر پختونخواهه اسان جو پنهنجو صوبو آهي، ڪوشش هوندي ته گڏجي هلون، ملڪ ۽ قوم جي تقدير تبديل ڪنداسين، اتفاق راءِ سان وفاق ۾ حڪومت قائم ٿي آهي، عوام جي فيصلي جو سڀني کي احترام ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري ٻن ٽن ڏينهن ۾ صدر چونڊجي ويندو، دلي شاهدي ڏيان ٿو ته آصف زرداري صدر بڻيو ته مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هم آهنگي هوندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي هاڻي ٽيڪس گهٽائڻ گهرجي، ٽيڪس جو بنياد وڌائڻ گهرجي، عوام چونڊن ۾ سمورين پارٽين کي مينڊيٽ ڏنو، گذريل چئن ڏينهن ۾ معاشي معاملن تي مسلسل اجلاس ٿيا، پاڪستان سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. معاشي طور اسان جون پاڙون تباهه ٿي رهيون آهن، اسان کي گڏجي هن ٻيڙيءَ کي ڇڪڻو پوندو، جيڪڏهن اها ٻيڙي لڙڪندي رهي ته  تاريخ اسان کي ۽ اسان جي نسلن کي معاف نه ڪندي. آصف زرداري خطاب ڪندي چيو ته آصف زرداري جو چوڻ آهي ته ڏکيائي ضرور آهي پر ناممڪن ڪجهه به ناهي، پاڪستان ٺاهينداسين، آئن اسٽائن چيلينجز کان ڊڄڻ وارو ناهي، شهباز شريف به مشڪل چئلينجن کان نه ڊڄندو. ڊنر کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صحيح چيو هو ته چئلينج درحقيقت ڏکيا آهن، شهباز شريف جي پويان بيهنداسين، ڪجهه به ناممڪن ناهي، پاڪستان ٺاهينداسين.  آصف زرداري چيو ته زراعت بنيادي مسئلو آهي، ان کي حل ڪيو ۽ ڊيم ٺاهي، اچو ته چين لاءِ فورس ملٽي پليئر بڻجي وڃون، سڄو بلوچستان خالي آهي، اسان کي رڳو پاڻي آڻڻو آهي، اهو ڏکيو آهي پر ناممڪن ناهي، محنت ڪنداسين. ۽ اوهان دوستن جي مدد سان پاڪستان ٺاهيندا. بلاول خطاب ڪندي چيو ته آصف زرداري طاقتور ترين سولين صدر بڻيو ته اختيار پارليامينٽ حوالي ڪيائين، منهنجي گذارش آهي ته هو برطانوي راڻي جيان ملڪ جو سربراهه ٿئي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو آصف زرداري چيو آهي ته مان پنهنجي پيءُ کي چوان ٿو ته هن ڀيري توهان برطانيه جي راڻي جي طرز تي رياست جو سربراهه هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ وزيراعظم پاران اتحادين جي اعزاز ۾ ڏنل ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته آصف زرداري صدارتي چونڊ کٽي تاريخ رقم ڪندو، آصف زرداري جڏهن پهريون ڀيرو چونڊجي آيو ته سڀ کان وڌيڪ طاقتور صدر هو، آصف زرداري پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.