حيدرآباد(رپورٽر) عورت آزادي مارچ حيدرآباد ۽ وومنز ايڪشن فورم جي عورت اڳواڻن پاران سنڌ ميوزيم حيدرآباد سامھون اڄ 8 مارچ تي ملهائيجندڙ عورتن جي عالمي ڏينهن تي رٿيل عورت آزادي مارچ جي جاڳرتا جي لاءِ مشعل، ڏيئا ، ميڻ بتيون ٻاري گل رکي جشن عورت ملھايو ويو.ان موقعي تي وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت شاهه ۽ ٻين چيو ته ھر سال جيان هن سال به 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ عورت آزادي مارچ ڀرپور نموني سان ڪيو ويندو، حيدرآباد جي علائقي شھباز بلڊنگ کان مارچ نڪرندو جيڪو پريس ڪلب پھچندو، ھي جشن 8 مارچ جي حوالي سان ملھائي رھيا آھيون.عورت اڳواڻن زاھدا ڏاھري، زڪيه اعجاز ۽ ٻين گيت پيش ڪيا. نجمه پنھور ۽ ٻين عورتن جي حوالي سان شاعري پيش ڪئي. سرتي زنده باد ۽ ٻين گيتن تي عورتن جھمريون ھيون. امر سنڌو، عرفانا ملاح، حسين مسرت، سينيئر صحافي مھيش ڪمار، پروفيسر امداد چانڊيو، پروفيسر مجيد چانڊيو، ارڏو اترادي، ڪومل سومرو، پشپا ڪماري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ مشعل کڻي نعرن سان مشعل بردار مارچ پڻ ڪيو ويو.