اسلام آباد(م ڊ)سپريم ڪورٽ ٻيلي کاتي ۾ گريڊ 17 جي 7 آفيسرن جي مقرري بابت اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ جو جواب رد ڪندي ٻيهر جواب طلب ڪري ورتووچيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ حڪومت 75 لا آفيسرز جي فوج ڀرتي ڪري رکي آهي، ججز ۽ سرڪاري آفيسرن جي پگهار ۽ پينشن مظلوم عوام جي کيسي مان ادا ڪئي وڃي ٿي،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻيلي کاتي سنڌ ۾ 7 آفيسرز جي ڀرتين بابت ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته ڀرتين جي لاءِ عمر جي حد ۾ 15 سالن جي رعايت ڪهڙي قانون تحت ڪئي وئي آهي؟چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻيلي کاتي ۾ سترهين گريڊ جي 7 آفيسرز جي مقرري بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت ۽ متاثر آفيسرز جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،چيف سيڪريٽري سنڌ جي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ۾ شرڪت، عدالت چيف سيڪريٽري جو جواب رد ڪري ڇڏيو، چيف سيڪريٽري کي 15 ڏينهن ۾ ٻيهر لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو،چيف جسٽس چيف سيڪريٽري سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو جواب مايوس ڪندڙ آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي ۾ مقررين دوران متاثر ٿيندڙ آفيسرز کي رليف ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو،سنڌ حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، متاثر ٿيندڙ آفيسرز پاران به سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون