عمران خان جي چهري تي مايوسيءَ جا آثار

اسلام آباد(م ڊ) عمران خان جو چھرو لھي ويو ۽ ھوءَگھڻو مايوس ٿي ويو آھي.اربع واري ڏينھن اڊيالا جيل ۾ عدالت جي ڪارروائي دوران ھو گھڻو ڳڻتي ۾ لڳي رھيو ھو.جنھن مان لڳو تھ ھو يا تھ بيمار آھي يا وري ٿڪل آھي.عدالتي ڪارروائي وقت شاھدن کان جرح بھ ٿي پر عمران خان ان ۾ ڪا دلچسپيءَ نھ ورتي،صحافي جاويد چوڌري موجب اتي موجود رپورٽرن کان معلوم ڪرڻ تي انھن جو چوڻ ھو تھ ڪورڪمانڊرز جي ميٽنگ بعد عمران خان تي ان جو اثر آھي.ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ ھو پنھنجي روئي ۾ گھڻو متحرڪ ۽ چست ھوندو ھو.پر ڪورڪمانڊرز جي اجلاس ۾ اھو ڊڪليئر ڪرڻ بعد تھ 9 مئي جي ذميوارن سان ڪا رعايت نھ ڪئي ويندي،جنھن بعد عمران خان جي اھا اميد ٽٽي وئي تھ ھن کي ڪٿان رليف ملي سگھي ٿو.ھاڻي کيس اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ کيس آزادي نھ ملي سگھندي نھ ئي ھو اسيمبلي ميمبر چونڊجي ايوان ۾ پھچي سگھندو.ان ڪري ھن تي اثر پيو آھي،جڏهن ته عمران خان پنھنجي ساٿين کي مخالفن کي کيڪارڻ ۽ ملڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.ھن پنھنجي ميمبرن کي چيو تھ اھي ڪنھن سان نھ ھٿ ملائين نھ ئي وري انھن  سان ڀاڪر پائي ملن.ھو اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالھائي رھيو ھو.اھو حڪم قومي اسيمبلي سميت ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي اسيمبلين ميمبرن جي لاءِ آھي.ھن جو چوڻ ھو تھ جن ماڻھن اسان جا ووٽ چوري ڪيا آھن انھن سان تعلق نھ ھجڻ گھرجي.جاويد چوڌري جو چوڻ آھي تھ اھا بھ ھڪ مايوسي جي نشاني آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.