اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي غور شروع ڪيو ويو آهي.سينيٽ اجلاس کان اڳ پارلياماني پارٽين جي سربراهن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شريڪ سينيٽرن چيو ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي رٽائر ٿيڻ تي سيڪريٽريٽ جو ڪم رڪجي ويندو.ڪجهه ميمبرن تجويز ڏني ته نئين چيئرمين جي چونڊ تائين موجوده چيئرمين کي مدي ۾ واڌ ڏني وڃي، بعد ۾ سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا سينيٽ چيئرمين جي مدي ۾ واڌ واري معاملي جي مخالفت ڪئي.ايوان ۾ ڳالهائيندي سليم مانڊوي والا چيو ته چيو پيو وڃي ته خال پيدا ڪيو پيو وڃي، هاڻ اجلاس ۾ چيو پيو وڃي ته چيئرمين جو مدو وڌائڻو آهي، اسان سڀ ڪجهه ڪرڻ وارا آهيون جيڪو غير آئيني آهي، اسان کي فائدي لاءِ ايئن نه ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته 6 سالن کان ايوان جي عزت گهٽجي وئي آهي، ايوان ۾ بي اعتمادي جي رٿ دوران 14 ماڻهو غائب ٿي ويا، ايوان ۾ ڪيمرائون لڳايون ويون، سينيٽر مصدق ملڪ ۽ مصطفيٰ کوکر ڊائس تي چڙهندا رهيا ۽ ڪيمرا ڳوليندا رهيا. اهڙيون غير آئيني شيون اسان ڪڏهن به نه ڏٺيون آهن سينيٽر سيف الله ابڙو کي ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان هٽايو ويوسينيٽر بهرامند تنگي چيو ته سينيٽر دلاور خان چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ آندو، رڪارڊ ڪڍي ڏسو ته مان ان قرارداد جي حق ۾ ووٽ نه ڏنو، مون چيو هو ته سموريون سياسي پارٽيون ۽ ادارا گڏ هجن، چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. جنهن اليڪشن تي آڱر نه کڻڻ جو ماحول آهي جيڪو هاڻي ٿي رهيو آهي.هن چيو ته منهنجي موقف کانپوءِ شيري رحمان ۽ نيئر بخاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بهرام تنگي کي نوٽيس ڏئي رهيا آهيون، منهنجي بنيادي رڪنيت ختم ٿيڻ کانپوءِ اهو فيصلو قبول ڪريان ٿو، ڇا پيپلز پارٽي قيادت کي گمراهه ڪرڻ جي ايتري حد تائين پهچي وئي آهي؟ ؟هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو ۽ سندن خاندان لاءِ اهڙو لفظ ڪڏهن به استعمال نه ڪندس، شيري رحمان ۽ نيئر بخاري جي 6 سالن جي سازش پنهنجي پڄاڻي تي پهتي آهي، مان پيپلز پارٽي جي قيادت جو فيصلو قبول ڪيو آهي11 مارچ کان پوءِ سياست شروع ڪندس.سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته مون ڊاڪٽر عافيه صديقي کي واپس آڻڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، نواز شريف پنهنجي دور ۾ واشنگٽن ۾ ڳالهايو پر انهن نه مڃيو، مون بلينڪن سان ٽي تفصيلي ملاقاتون ڪيون، جيڪڏهن ڪابينا ٺهي ته عافيه جو معاملو به شامل هوندو. آمريڪا کي عافيه جي واپسي تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.