گهاري ويجهو ٻڏي ويل 14 ماهيگيرن جو پتو نه پيو، ڳولا جاري

ڳاڙهو (ن ع آ) ڪيٽي بندر ويجهو ٻڏي ويل بدنصيب هوڙي جي گم ٿيل 14 ماهيگيرن جو ڪوبه پتو نه پيو ڳولا جاري خبر موجب پنج مارچ جي رات ڪيٽي بندر ويجهو حجامڙو ڪريڪ وٽ ٻڏي ويل الاسد هوڙي جا 14 ماهيگير رياض بنگالي احمد بنگالي شڪيل بنگالي سجاد شآهد جوکيو هاشو رياض اشرف نورعالم بنگالي رحيم بنگالي ۽ شيرملاح اڃان تائين گم آھن جڏهن ته ميري ٽائيم سيڪوريٽي ايجنسي ايڌي ضلع ڪائونسل ٺٽو جون اٺ ٻوٽس غوطا خور گهري سمنڊ ۾ سندن زنده يا مرده حالت ۾ ملڻ جي ڳولا ڪري رهيا ڊاڪٽرن موجب هاڻ گم ٿيل ماهيگيرن جي زنده هجڻ جو ڪوبه امڪان ناهي‎.

  • بلاول ڀٽو طرفان 14 مهاڻن جي لاپتا ٿيڻ تي ڳڻي جو اظهار

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي ويجهو ٻيڙي حادثي جي نتيجن ۾ 14 مهاڻن جي لاپتا ٿي  جي  ميڊيا رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پريس رليز مطابق پ پ چيئرمين لاڳاپيل عمدارن تي زور ڏنو ته گم ٿي ويل ماهيگيرين جي ريسڪيو لاءِ سمورا جوڳا وسيلا ڪتب آندا وڃن هن چيو ته مان دعاگو آهيان ته گم ٿي ويل ماهيگر خيريت سان واپس پنهنجن گهرن ڏانهن اچن ۽ منهنجو همدرديون متاثر گهراڻڻ سان گڏ آهن، هن زور ڏنو ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جي حادثن کي روڪڻ ۽ سمنڊ ۾ اهڙي صورتحال جو  شڪار ٿيڻ جي صورت ۾ ماهيگرين جي ريسڪيو آپريشن کي جديد ڪرڻ اڻٽر آهي، هن  چيو ته پ پ ماهيگيرن جي  ڀلائي لاءِ پر عزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.