ثابت ٿي ويو ته شهيد ڀٽو کي ڦاهي جي سزا عدالتي قتل هو: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (س ر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي صدارتي ريفرنس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف  ٽرائل جو موقعو نه ملڻ جي راءِ تي ٻڌل فيصلي سان ثابت ٿيو آهي ته پيپلز پارٽي باني ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ جو فيصلو عدالتي قتل هو ۽ عدالت ريفرنس تي راءِ ڏئي پنهنجي غلطي تسليم ڪري تاريخ ۾ درستگي ڪري ڇڏي آهي، جاري بيان ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ لارجر بينچ شهيد ڀٽو جي ڦاسيءَ بابت صدارتي ريفرنس تي پنهنجي راءِ ڏئي آئين جي علمبرداري ۽ حق تي مبني فيصلي جو ثبوت ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي سان حق، سچ ۽ تاريخ جي فتح ٿي آهي، پيپلز پارٽي جو مطالبو هو ته شهيد ڀٽو جي ڦاسيءَ کي عدالتي قتل قرار ڏئي تاريخ ۾ درستگي ڪئي وڃي ۽ اڄ سپريم ڪورٽ ريفرنس تي راءِ ڏئي انصاف جو بول بالا ڪيو آهي ۽ تاريخ ۾ اِها چوڻي سچ ثابت ٿي رهي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڏو گونجندو جو صدين تائين ٻڌو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.