ايم ڪيو ايم پاران صدارتي چونڊ ۾ آصف زرداري جي حمايت جو اعلان

ڪراچي( م ڊ)مسلم ليگ ن جي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي کي ويجهو آڻڻ واري ڪوشش ڪامياب ٿي وئي آهي،  ايم ڪيو ايم صدارتي چونڊ ۾ آصف زرداري جي حمايت ۾ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري  جي ايم ڪيو ايم سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ خالد مقبول صديقي آصف زرداري سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو، جنهن بعد صدارتي چونڊ ۾ آصف زرداري جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم صدارتي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ويو آهي ته پ پ پاران ايم ڪيو ايم جي آئيني ترميم ۾ تعاون ڪرڻ جي يقين ڏياري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.