سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ

ملڪ ۾ سون جي في تولي اگھه ۾ لاڳيتون ستين به واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي جي قيمت ۾ 2750 روپيا واڌ ٿي آهي جنهن کان پوءِ سون جي في تولي جو اگهه 2 لک 28 هزار 150 روپيا ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيسن موجب 10 گرام سون جو مُلهه به 2358 روپيا وڌڻ سان هڪ لک 95 هزار 602 روپيا ٿي ويو آهي.
ال پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب عالمي بازار ۾ سون جو مُلهه 26 ڊالر وڌيڪ سان 2174 ڊالر في اونس آهي.
واضح رهي ته سون جي قيمت ۾ لاڳيتو واڌ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي، گذريل ڏينهن به سون جي في تولي جي قيمت ۾ 1500 روپيا واڌ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.