پاڪستان ۾ وي پي اين جي استعمال ۾ 6000 سيڪڙو واڌ

جنيوا (ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ پرائيويسي ڪمپني پروٽو چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۾ وي پي اين جي استعمال ۾ 6 هزار سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
پرڏيهي خابرو ادري جي رپورٽ موجب ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هڪ سال دوران نيپال ۾ وي پي اين جي استعمال ۾ 4 هزار 700 سيڪڙو، گيبون ۾ 27 هزار سيڪڙو ۽ سينيگال ۾ 1 لک سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو.
ڪمپني موجب اهو اضافو سياسي ۽ سماجي عدم استحڪام جو ردعمل آهي.
بيان ۾ ڪمپني جي سربراهه جو چوڻ هو ته 2024ع دنيا ۾ جمهوريت لاءِ اهم سال آهي، هلندڙ سال جن ملڪن ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن انهن مان ڪيترن ئي ملڪن جو اظهار راءِ جي آزادي ۽ آزاد چونڊن جي حوالي سان رڪارڊ شڪي آهي.
ڪمپني جو چوڻ هو ته سينسرشپ جي تاريخ رکندڙ اُهي ملڪ جتي هلندڙ سال چونڊون ٿيڻيون آهن اتي ڪمپني مفت وي پي اين سروسز فراهم ڪندي، انهن ملڪن ۾ وينزويلا، ڏکڻ سوڊان، سريلنڪا ۽ ترڪي سوڌو ٻيا ملڪ به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.