جيڪولين فرنينڊس جي عمارت ۾ باهه لڳي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا جيڪولين فرنينڊس جي بلڊنگ ۾ باهه لڳي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس ممبئي جي علائقي باندرا ۾ ترسيل آهي جتي گذريل رات بلڊنگ ۾ باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو.
اختيارين موجب اها عمارت 17 ماڙ هئي ۽ ان جي 14 هين ماڙ ۾ باهه لڳي جڏهن ته اداڪارا جيڪولين فرنينڊس عمارت جي 15 هين ماڙ تي رهندي آهي.
رپورٽس موجب باهه جو اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ جون گاڏيون ۽ باهه وسائيندڙ عملو ٿڏي تي پهچي ويو جنهن هڪ ڪلاڪ جي محنت کان پوءِ باهه تي ضابطو آڻي ورتو جڏهن ته باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.