جهاز کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ مسافر گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ممبئي ۾ زال جي جهاز ۾ نه پهچڻ تي جهاز کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ مسافر کي گرفتار ڪيو ويو.
مقامي پوليس موجب 42 ورهين جي شهري ولاس بڪادي ۽ سندس زال بنگلورو کان ممبئي لاءِ جهاز ۾ سفر ڪرڻو هو پر ولاس جي زال جهاز لاءِ بورڊنگ گيٽ تي دير سان پهتي.
پوليس بڌايو ته ولاس جهاز جي ڪسٽمر ڪيئر سينٽر سروس کي جهاز کي زال جي اچڻ تائين روڪڻ جي گذارش ڪئي جنهن کي انتظار رد ڪري ڇڏيو، زال جي جهاز ۾ نه پهچڻ تي مسافر جهاز کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب بم جي ڌمڪي تي انتظاميا فوري طور تي حرڪت ۾ اچي وئي ۽ جهاز جي سرچنگ شروع ڪري ڏني، ڪجهه نه ملڻ تي انتظاميا شهري کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.