عورت سان ڳالهائڻ جي آڊيو ليڪ، پيرو جي وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ليما (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آمريڪي ملڪ پيرو جي وزيراعظم عورت سان ڳالهائڻ جي آڊيو ليڪ ٿيڻ تي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميديا جي رپورٽن موجب 57 ورهين جي البرتو اوتارولا (ALBERTO OTAROLA) تي عورت کي سرڪاري ٺيڪو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو اثر استعمال ڪرڻ جو الزام آهي.
اسڪينڊل گذريل هفتي وقت شدت اختيار ڪئي جڏهن هڪ چينل البرتو اوتارولا جي عورت سان ڳالهه ٻولهه جي آڊيو نشر ڪئي جنهن ۾ البرتو کي عورت سان محبت جو اظهار ڪندي ۽ سي وي موڪلڻ جو چوندي ٻڌي سگھجي ٿو.
البرتو اوتارولا پاڻ تي لڳل الزام رد ڪيا آهن جڏهن ته اختيارين پاران استعيفيٰ ٿيندڙ ويراعظم تي لڳل الزامن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب البرتو اوتارولا عورت کي غيرقانوني طور ٺيڪار ڏياريا جنهن سان کيس 14000 ڊالرز جو فائدو ٿيو جڏهن ته البرتواوتارولا ۽ لاڳاپيل عورت جو چوڻ آهي ته اها آڊيو 2021ع جي آهي جهن وقت البرتو ڪابينا جو حصو به نه هو.
واضح رهي ته البرتواوتالا 2022ع جي پڄاڻي تائين پيرو جي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو پر ڊينا بولوارتي جي صدر بڻجڻ کان پوءِ البرتو کي پيرو جو وزيراعظم بڻايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.