سمارٽ فون استعمال ڪندڙ چيني ڪمپني ريئل مي پنهنجي مشهور سيريز 12 جو ٽيون ۽ سستو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو.
ڪمپني ڪجهه هفتا اڳ ريئل مي 12 پرو ۽ ريئل مي 12 پرو پلس متعارف ڪرايو هو، جن کي فيچرز جي حوالي سان سٺو فون قرار ڏنو ويو هو.
هاڻي ڪمپني 12 سيريز جو سستو فون ريئل مي 12 متعارف ڪرايو آهي، جنهن بابت ڪمپني جي دعويٰ آهي ته رڳو ڪلاڪ ۾ ان فون جي بيٽري زيرو کان 100 سيڪڙو تائين چارج ڪري سگھجي ٿي.
ريئل مي 12 کي 72-6 انچن جي اسڪرين ۽ اينڊرائيڊ 14 جي آپريٽنگ سسٽم جڏهن ته فائيو جي سپورٽ سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
فون کي رڳو 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو ويو ۽ ان ۾ فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻيا سيڪيورٽي فيچرز موجود آهن.
ريئل مي 12 جي پٺيان ٻه ڪيمرا ڏنيون ويون آهن، جن مان مين ڪيمرا 108 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻي 2 ميگا پڪسل آهي، فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
فون کي 5 هزار ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري جڏهن ته 45 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون کي رڳو 1 ڪلاڪ ۾ زيرو کان 100 سيڪڙو تائين چارج ڪري سگھجي ٿو.
ڪمپني فون کي فوري طور تي چين ۽ ڀارت ۾ متعارف ڪرايو آهي، پر جلد ان کي پاڪستان سوڌو ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو.
ڪمپني ريئل مي 12 جي پاڪستاني قيمت 57 هزار روپين تائين رکي آهي، پر امڪاني طور تي ان کي پاڪستان ۾ پيش ڪرڻ وقت ان جي قيمت وڌيڪ گھٽائي ويندي.
Next Post
You might also like