دپيڪا پڊوڪون جي مداح آهيان: سارا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کان پوءِ هاڻي ڀارت ۾ به شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪارا سارا خان چيو آهي ته هوءَ بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون جي فين آهي ۽ سندس ڪم کي گھڻو پسند ڪندي آهي.
ڀارتي صحافي کي انٽرويو ۾ سارا خان پنهنجي ڊرامي ”عبداله پور ڪا ديوداس“ بابت ڳالهائيندي چيو ته آئون چاهيان ٿي ته پاڪستان، ڀارت سوڌو جتي به منهنجا مداح آهن اُهي سڀ ان ڊرامي ۾ گُل بانو جو منهنجو ڪردار ڏسن، اها هڪ پراڻي اسڪول جي محبت جي ڪهاڻي آهي جيڪا جديد دور ۾ سيٽ ڪئي وئي آهي.
سارا خان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن ۾ شوقين خوبصورت محبت جون ڪهاڻيون ۽ شاعري کي گھڻو پسند ڪندا آهن، اهو ڊرامو به ٻنهي ملڪن جي مداحن جي پسند کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آهي.
اداڪارا چيو ته ننڍپڻ کان ڀارتي فلمون ڏسندي آئي آهيان ۽ بالي ووڊ مون کي دپيڪا پڊوڪون تمام گھڻو پسند آهي، سندس شخصيت ۽ ڪم جي مداح آهيان، ۽ جڏهن آئون اداڪارا طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ته سوچيو هو ته آئون سلمان خان سان گڏ ڪم ڪنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.