ڏوڪري جي ڪچي ۾ زرعي زمين تان جمالين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 4 ڄڻا قتل

ڏوڪري (رپورٽ: مجاهد آفتاب قاضي) ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي فتح پور ٿاڻي جي حد ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري  چار ڄڻا مارجي ويا، مقتولن جا لاش فتح پور پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري تعلقي اسپتال کڻائي پهتي، مقتولن ۾ ڌر جا حاڪم جمالي شوڪت جمالي ٻئي ڌر جي ارباب جمالي در محمد رند شامل آهن، جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ويجها عزير آهن جڏهن ته ارباب جمالي حاڪم جمالي جو سهرو ۽ حاڪم جمالي ارباب جمالي جو نياڻو ٻڌايو پيو وڃي جيڪي ٻئي ڄڻا جهيڙي ۾ مارجي ويا آھن، ڌرين ۾ ڪافي وقت کان سرڪاري زمين ۽ ڪجھه سروي نمبرن جي مهاڳن جي مالڪي تان ڇهن سالن کان جهيڙو هلندڙ آھي ۽ ڌرين جا اٺ کان مٿي ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، ڌرين ۾ ٻه ڀيرا فيصلا به ٿي چڪا آهن جڏهن ته لاشن سان ڪوبه مرد گڏ نه هو، عورت پوليس جي مدد سان لاش اسپتال آندا، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ علائقي ۾ قانون جي رٽ بحال ڪرڻ جو پوليس هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ڌرين جي هڪ ئي علائقي رهائش ھئڻ سبب سندن ڇڪتاڻ جاري آھي ۽ ڌريون جديد هٿيارن سان مورچا بند آھن، هوڏانهن مقتول حاڪم جمالي جي ڀيڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صبح جو نائين وڳي گهر ۾ ويٺا هئاسين ته ارباب جمالي واري ڌر ڪڻڪ جي فصل ۾ لڪي ويٺا هئا ۽ اسان جي گهرن مان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ منهنجا ڀاءُ حاڪم جمالي، شوڪت جمالي قتل ٿي ويا آهن. هن چيو ته 300 کان وڌيڪ زرعي زمين اسان جي وڏڙن جي آهي جنهن تي ڇھ سالن ارباب جمالي ۽ ٻيا قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي مٿان ڪيترائي ڀيرا فائرنگ ڪري ٻه ڀائر به قتل ڪيا ويا، هاڻي ٽيون ڀاءُ حاڪم جمالي کي قتل ڪيو ويو،  ارباب جمالي واري ڌر بي گناھ اسان جا ماڻهو ماري رهي آهي ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، شوڪت علي جمالي جو مڙھ سندس امڙ مسمات سعيده خاتون جمالي، حاڪم علي جمالي جو مڙھ سندس ڀيڻ مسمات فرزانه خاتون حوالي ڪيو ويو آهي مقتولن جا مڙھ اباڻي ڳوٺ امام بخش جمالي ۾ آندا ويا آهن، جڏهن ته دوست محمد مڱڻيجو جو مڙھ سندس ڀيڻوي ظفر اقبال عرف سونو خان حوالي ڪيو ويو فوتي جو مڙھ اباڻي ڳوٺ خادم حسين منڄٺ محبت ديرو تعلقو ڪنڊيارو ۾ پهچايو ويو آهي جڏهن ته جهيڙي ۾ مارجي ويل ارباب جمالي جو مڙهه سندس امڙ جي حوالي ڪيو ويو، مقتول جي امڙ ارباب جمالي جو مڙهه ڳوٺ محبت ديرو کڻائي وئي جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو رحيم شاھ شيرازي واقعي واري هنڌ پهچي ويو جتي هن واقعي جي صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي ايس ايس پي ايس ايڇ او فتح پور کي سخت هدايتون جاري ڪندي واقعي واري هنڌ پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ ۽ گرفتاري عمل ۾ آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.