پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

پشاور( م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي ميمبرز کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو، مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس شڪيل احمد تي ٻڌل 2 رڪني  بينچ ٻڌڻي هلائي، عدالت ميمبرز کي سڀاڻي تائين حلف نه کڻڻ جو حڪم ڏيندي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي،۽  اليڪشن ڪميشن کي اڄ تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت چيو آهي ته ڇا مخصوص سيٽن لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهجي ٿو؟عدالت اٽارني جنرل ۽ ايڊوڪيٽ جنرل کي معاونت لاءِ طلب ڪرڻ جا نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا، پشاور هاءِ ڪورٽ لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ ڪيس چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو،  درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي حصي جون سيٽون ٻين جماعتن ۾ ورهايون آهن، استدعا آهي ته سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون کڻندڙن کي حلف کڻڻ کان روڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.