اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته هو ڪمانڊرز ڪانفرنس جي اعلان جي حمايت ڪري ٿو، 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته 9 مئي جي واقعن تي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ سي سي ٽي وي وڊيوز جاري ڪيون وڃن.هن چيو ته هو ڪمانڊرز ڪانفرنس جي اعلان جي حمايت ڪن ٿا، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.هن چيو ته اسان نه فوج جي خلاف آهيون ۽ نه ئي ٽڪراءَ چاهيون ٿا، اسان جي پارٽي فوج جي خلاف ناهي.عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جو مخصوص سيٽون کسي جمهوريت جون ڌڄيون اڏايون،مخصوص سيٽون نه ڏئي اسان جي عورتن تي ظلم ڪيو ويو، اليڪشن ۾ڌانڌلي اليڪشن ڪميشن ڪئي آهي،هن چيو ته چونڊ ڌانڌلي خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ چاهيون ٿا، پرامن احتجاج جمهوريت ۾ هر پارٽي جو حق آهي.هن چيو ته 8 فيبروري کان ڪنهن به مون سان رابطو ناهي ڪيو، مون کي خبر آهي ته مون سان ڇو رابطو ناهي ڪيو ويو پر ٻڌائڻ نٿو چاهيان.سندس چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي خط ان ڪري لکيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي استحڪام ممڪن ناهي، اسان جو 70 سيڪڙو پئسو قرضن جي مد ۾ وڃي ٿو. شريف خاندان جو سڀ کان وڏو يوٽرن ووٽ کي عزت ڏيو کان هاڻي بوٽ کي عزت ڏيو آهي، چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي