صدارتي چونڊ: آصف زرداري کي هيل تائين 345 اليڪٽورل ووٽن جي حمايت حاصل

اسلام آباد(م ڊ)صدارتي چونڊ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جو نمبر گيم پورو ٿي ويو،  پيپلزپارٽي ذريعن مطابق آصف  علي زرداري کي اليڪٽورل  ووٽن جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي، ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي پارٽي جي صدارتي مهم بابت ڪميٽي جي ميمبرن بريفنگ ڏني آهي،

 

ميمبرن بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ته آصف علي زرداري جو نمبر گيم پورو ٿي ويو آهي، صدارتي اليڪشن 9 مارچ تي ٿيندي، پ پ جو صدر آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو محمود خان اچڪزئي آمهون سامهون آهن،  اليڪشن ڪميشن  ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، مسلم ليگ ق ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي پاران آصف علي زرداري کي ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڏياري وئي آهي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.