اسلام آباد( م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سني اتحاد ڪائونسل (ايس آءِ سي) جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن کي ٻين پارٽين ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن کي چار ۽ جي يو آءِ ۽ پيپلز پارٽي کي ٻه ٻه سيٽون مليون.مسلم ليگ ن جي ثوبيه شاهد، غزاله انجم، شهلا بانو ۽ شاهين قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي ويون، جڏهن ته جي يو آءِ جي نعيمه ڪشور ۽ صدف احسان ۽ پيپلز پارٽي جي عاصمه ارباب ۽ نعيمه ڪنول قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي ويون.قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو. پاڪستان مسلم ليگ ن، جي يو آءِ ۽ پيپلز پارٽي کي هڪ هڪ سيٽ ملي. نيلم، جيمس اقبال ۽ رميش ڪمار قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويا. خيبرپختونخواه اسيمبلي جي عورت ميمبرن جي نوٽيفڪيشن موجب جميعت علماءِ اسلام کي 8، مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي کي 5، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي ۽ پي ٽي آءِ پارليامينٽرين کي هڪ هڪ سيٽ ملي آهي.جي يو آءِ جي نعيمه ڪشور، ستاره آفرين، ايمن جليل، مدينه گل آفريدي، رابعه شاهين، نيلوفر بيگم، عارفه بي بي ۽ ناهيده نور خيبرپختونخواهه اسيمبلي جون ميمبر چونڊجي ويون. مسلم ليگ ن جي آمنه صفدر، فائزه ملڪ، افشاں حسين، شازيه جدون ۽ جميلا پراچا جڏهن ته پيپلز پارٽي جي شازيه طهماس، نعيمه ڪنول، مهر سلطانه، اشبر جان جدون ۽ فرزانه شيرين خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر بڻجي ويون.پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جي ناديه شير ۽ اي اين پي جي خديجه بي بي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي ويون،
خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جي يو آءِ، مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر هو. پنجاب مان قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.پيپلز پارٽي کي 2 ۽ مسلم ليگ ن کي هڪ سيٽ ملي، پيپلز پارٽي جي ثمينه خالد گهرڪي ۽ نتاشا دولتانه جڏهن ته مسلم ليگ ن جي تمڪين نيازي قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي وئي، پنجاب اسيمبلي ۾ اقليتي سيٽ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو. مسلم ليگ ن کي ٻه ۽ پيپلز پارٽي کي هڪ سيٽ ملي. سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي عورتن جي هڪ هڪ سيٽ ملي. پيپلز پارٽي جي سيمتا افضل ۽ ايم ڪيو ايم جي فوزيه حميد سنڌ اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي ويون، جڏهن ته اقليتي سيٽ تي پيپلزپارٽي جي شيدو مل سريندر ولاسائي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي وئي، جڏهن ته اقليتي سيٽ تي سنڌ اسيمبلي جي مخصوص سيٽن لاءِ درخواست رد ڪئي وئي.