بلوچستان جي عوام جو وفاقي جماعتن تان اعتماد کڄي چڪو آهي: اختر مينگل

اسلام آباد (م ڊ) بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جو وفاقي جماعتن تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، پي ٽي آءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ رابطو ڪيو هو، پي ٽي آءِ کي ٻڌايو اسان جي جماعت فيصلو ڪيو آهي ووٽنگ ۾ حصو ناهي وٺڻو، حڪومتي جماعت اسان سان رابطو نه ڪيو نه ئي اسان کي اميد هئي ته اهي رابطو ڪندا، هر جماعت جڏهن اپوزيشن ۾ هوندي آهي ته اسان کان وڌيڪ بلوچستان جي همدرد بڻجندي آهي، صدارتي اميدوار جي سپورٽ بابت پارٽي فيصلو ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.