ڌانڌلي جي جاچ لاءِ خودمختيار ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون: راڻا ثناءُ الله

ڪراچي (م  ڊ) نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڌانڌلي جي جاچ جي لاءِ خودمختيار ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته نواز ليگ 2013ع ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل ڪميشن ٺاهي جنهن ڌانڌلي جي دعوائن کي ڪوڙو ثابت ڪيو، هن چيو ته  2018ع ۾ پي ٽي آءِ پارلياماني ڪميشن جي تجويز ڏني هئي، هُن جي ئي تجويز موجب هاڻ پارلياماني ڪميشن ٺاهي وڃي جيڪا سمورين ڌانڌلين جي سمورن الزامن جي مڪمل جاچ ڪري ته جيئن کير جو کير، پاڻي جو پاڻي ٿي وڃي، راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز ليگ کي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ تي ڪو به اعتراض ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.