اسلام آباد (م ڊ) بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جو وفاقي جماعتن تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، پي ٽي آءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ رابطو ڪيو هو، پي ٽي آءِ کي ٻڌايو اسان جي جماعت فيصلو ڪيو آهي ووٽنگ ۾ حصو ناهي وٺڻو، حڪومتي جماعت اسان سان رابطو نه ڪيو نه ئي اسان کي اميد هئي ته اهي رابطو ڪندا، هر جماعت جڏهن اپوزيشن ۾ هوندي آهي ته اسان کان وڌيڪ بلوچستان جي همدرد بڻجندي آهي، صدارتي اميدوار جي سپورٽ بابت پارٽي فيصلو ڪندي.