صدارتي چونڊ:پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 9 مارچ تي طلب

اسلام آباد(م ڊ)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 9 مارچ تي طلب  ڪري ورتو.اسپيڪر طرفان طلب ڪيل ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس 9 مارچ جي صبح 10 وڳي منعقد ٿيندو. اجلاس نئين صدر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جي حوالي سان طلب ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر جي چونڊ لاءِ پيپلز پارٽي طرفان اميدوار آصف علي زرداي ۽ سني اتحاد ڪائونسل طرفان اميدوار محمود خان اچڪزئي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا هئا.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صدارتي چونڊ جي لاءِ آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا هئا. آصف زرداري جي تجويز ڪندڙ مراد علي شاهه جڏهن ته ناصر حسين شاهه تائيد ڪندڙ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.