اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجا محمد آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف محمود خان اچڪزئي کي صدارتي اميدوار نامزد ڪري پنهنجو برانڊ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي خواجا آصف چيو ته جڏهن برانڊ بدلجي ٿو ته ليڊر به بدلجي ٿو.هن چيو ته ٻين کي چور چور ڪوٺيندڙ اڄ پاڻ ڦورن جي گهيري ۾ آهي.ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته شهباز شريف کي ڪيتريون ئي آفرز مليون پر هو پنهنجي ڀاءُ سان وفادار رهيو.خواجا آصف اهو به چيو ته شهباز شريف اڄ ٻيو ڀيرو پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجي ويندو.