اسان وٽ سنڌ ۾ اهو تاثر آهي ته سياست عوام جي لاءِ ترقي ڀلائي جي لاءِ قائم ڪيل ادارن کي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي گهڻي ڀاڱي اهو تاثرات سهي به آهي اسان ٻين شهر کي ڇڏي ڪري ضلعي ڄامشوري جي تعلقي جو درجو رکندڙ شهر مانجهند جي ڳالهه ڪريو ته مانجهند شهر هر دور ۾ ننڌڻڪو رهيو آهي، مانجھند شهر تعلقو هجڻ سبب مختلف ادارا به نالي ماتر قائم ڪيا ويا پر ورهين گذري وڃڻ جي باوجود به انهن ادارن جون آفيسون اڄ ڏينهن تائين شهر ۾ قائم نه ٿي سگهيو آهن.
تعلقي جي ادارن ۾ واڳ وارو حق رکندڙ اسسٽنٽ ڪمشر مانجھند جي آفيس قائم ناهي ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر پهرين جانور جي اسپتال ۾ پنهنجو ڪاروهنوار هلائندو هو ، هاڻ جڏهن ان اسپتال ۾ عدالت قائم ٿي ته اسسٽنٽ ڪمشنر وري اکين جي اسپتال تي قبضو ڪري ورتو آهي ، مختيارڪار سميت ڪنهن اداري جي آفيس اڃان تائين ناهي ، پر جيڪڏهن رڪارڊ جي جانچ ڪنداسين ته سموريون آفيس قائم آهن جن جا عملدارن ڪم به ڪري رهيا آهن پر سر زمين تي ڪاريهر وارا ڪک آهن ، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته مانجھند شهر کي تعلقي جي درجو ڏئي ان سان مذاق ڪئي وئي آهي هن وقت تعلقي جي آبادي ٻه لک جي لڳ ڀڳ آهي.
هميشه تعلقي جي رهواسين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رهيو آهي ، هتي اسان رڳو ٽائون ڪميٽي مانجھند جي تي مختصر نظر ڊوڙايو ته مانجھند ٽائون ۾ سياست جي ڄنگهه آڙايل آهي ٽائون ته هڪڙي آهي پر ان تي حڪومت ڪرڻ جا خواهش مند سون جي تعداد ۾ آهن جنهن جي ڪري اها ٽائون به مسئلن جو شڪار آهي ٽائون ڪميٽي مانجھند جي ماهوار 48 لک بجيٽ آهي جڏهن ته پبلڪ هليٿ کاتي جي الڳ سان بجيٽ اچي ٿي اها به ان بجيٽ سان ڳنڍينداسين ته ٽائون جي 62 لک بجيٽ ٿئي پئي ان لکين رپيا بجيٽ تان اڪثر ڪري چيئرمين ، آفيسر شاهي توڙي سياسي وڏا شاهي وچ ۾ ورهاست جي معاملي تان اختلاف سامهون رهيا آهن جنهن جي ڪري لکين رپيا بجيٽ هجڻ جي باوجود به مانجهند شهر جا مسئلا حل نه پيا ٿين.
اسان مٿي ڄاڻايو آهي ته سياست ئي ادران کي تباھ ڪري پئي، جيتوڻڪ سياست خلق خدا جي خدمت جي نالي کي به چيو وڃي ٿو پر هتي سنڌ جي حڪمرانن خاص ڪري ضلعي ڄامشوري جي چونڊيل نمائيدن هميشه ان جي ابتڙ ئي سياست ڪئي آهي۔ ٽائون ڪميٽي مانجھند ۾ سياسي بازيگر پنهنجا من پسند آفيسر مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي آفيس اچڻ کي عيب سمجھن ٿا ته پر بجيٽ کي پنهنجو حق سمجھي ماهوار ڌاڙو هڻي رهيا آهن ۽ ٽائون کي سياسي ٽياس تي ٽنگيو ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ٽائون ڪميٽي مانجهند شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي جنهن جا الزام شهر واسي ٽائون جا ملازم توڙي چيئرمين آفيس سپريڊنٽ تي هڻي رهيا آهن، ضلعي جا سياسدان به ان آفيسر تي ناراض نظر اچن پيا پر اهو آفيس سپريڊنٽ پنهنجي هوڏ تي قائم آهي ته ڪنهن به صورت ۾ آفيس مان بدلي نه ڪرائيندس جنهن جي ڪري آفيس جو ڪاروهنوار ٺپ لڳو پيو آهي مانجھند شهر جا سياسي سماجي اڳواڻ به خاموش آهن اهڙن ئي نام نهاد سوشل ميڊيا جي دانشورن جي ڪري به مانجهند شهر کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي ڇو جو اهي مانجھند شهر جي مسئلن سان سنجيده نه آهن پر پنهنجي واهه واهه ڪرائڻ ، توڙي پنهنجن ذاتي مفادن جي لاءِ سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تي موجود آهن ۽ مانجھند جو شعور به رڳو موبائل ۾ شور ڪري پيو، مانجھند جو شعور توڙي فيس بڪ جا دنشور اهي ڪڏهن ڪنهن ٽائون جي آفيسر جا گيت ڳائين ٿا ته ڪڏهن ڪنهن آفيسر جي لاءِ آجيان جا هار کڻي بيٺل نظر اچن ٿا ۽ مانجھند جا سياسي ماڻهو پنهنجا من پسند آفيسر مقرر ڪرائي پنهنجي مفادن جا ڪم وٺن ٿا، جنهن جي ڪري سياست ٽائون ڪميٽي مانجھند جي حق ۾ ناهي مانجهند شهر تباھي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي ضلعي ڄامشوري جي چونڊيل نمائيدا شهر واسين کي بينادي حق ڏيڻ جي لاءِ سنجيده ناهن رهيا پر انهن هميشه فرد کي نوازيون آهي ٽائون ڪميٽي مانجهند سان به ئي ٿي رهيو آهي مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان مانجهند شهر جا ٻئي وارڊ کٽيا ۽ هن ٽائون ڪميٽي مانجهند جو چيئرمين به پيپلزپارٽي جو آهي اهو چيئرمين به اڪثر ڪري دانهون ڪندو نظر اچي پيو ته منهنجي هٿ وس ڪجهه به ناهي، ٽائون جي هر مهيني بجيٽ اچي ٿي اها خرچ به ٿئي پئي ۔ پر شهر جا مسئلا جيئن جو تيئن وڌي رهيا آهن.
ٽائون جا ملازم به پگهار نه ملڻ جي لاءِ سرآپا احتجاج آهن پر هن ٽائون ڪميٽي مانجھند جا آفيسر آفيس سپريڊنٽ ، ٽائون آفيسر ، اڪائونٽ جي مٿان تي ضلعي جا سياسي ڀوتار مهربان هجڻ سبب انهن جا ٺٺ آهن ٽائون ڪميٽي جي اداري کي به سياست ئي تباھ ڪري پئي ، نيب اينٽي ڪرپشن توڙي ٻيا ادارن به هن مهل تائين تعلقي مانجھند ۾ ٿيندڙ ڪرپشن تي ڪڏهن به نظر ناهي ڪئي جنهن جي ڪري تعلقي مانجھند سياست آشرواد رکندڙ آفيسر کي نوازڻ جي لاءِ آندو وڃي ٿو آفيسر لوڪل بس ۾ اچي ضرور ٿو پر جڏهن بدلي ڪرائي ويندو آهي ته ان وٽ پنهنجي گاڏي ضرور هوندي آهي باقي غريب عوام سان ڪير به سچو ناهي ، عوام پيو پنهنجن حقن جي لاءِ دانهون ڪري، ۽ نام نهاد سياستدان ئي عوام دشمن عمل ڪري ٽائون ڪميٽي مانجھند جي بجيٽ آفيسر شاهي جي مدد سان لٽي رهيا آهن، جيستائين ادارن مان سياست کي ختم نه ڪيو ويندو تيستائين عوام کي پنهنجا بنيادي حق ملڻ مشڪل آهي هتي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياست کي ادارن کان ڌار ڪيو وڃي ته جيئن غريب مسڪين ماڻهن کي پنهنجا بنيادي حق ملي سگهن.