ايران جي چونڊن ۾ ڪير ڪامياب ٿيندو ؟

عالمي ميڊيا ٻڌايو ھو سال 2024 دنيا ۾ اليڪشن جو سال آھي.ڇاڪاڻ جو ھن سال تمام گھڻن ملڪن جون چونڊون ٿينديون.جن مان ڪجھه ملڪن ۾ ٿي ويون آھي ۽ گھڻن  ۾ اڃان ٿيڻيون آھن.

پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ا يران  ۾ پڻ پھرين مارچ تي پارلياماني ۽ ڪائونسل جي  ماھرن جي چونڊن لاءِ ٿي آھي. ايران گھڻو سخت پابندين وارو ملڪ آھي ۽ 80 واري ڏھاڪي ۾ آيل اسلامي ملڪ بعد اتي مذھبي ۽ ساڄي ڌر جون قوتون ملڪي واڳ پنھنجي ھٿن ۾ رکنديون آيون آھن، انھن وٽ چونڊن جو بھ ھڪ خاص طريقيڪار آھي.جنھن ڪري ٿيل چونڊن بابت تاحال مڪمل نتيجا تھ سامھون نھ آيا آھن پر عوام وٽ ووٽ جي طاقت پڻ گھڻي ڪنٽرول ۾ آھي، ان ڪري خيال ڪيو وڃي ٿو تھ ووٽن سان ڪو خاص فرق نھ پوڻو آھي.

ملڪ جي عام چونڊن بابت  ابتدائي اڳڪٿين موجب ووٽر ٽرن آئوٽ انتهائي گهٽ رھندو. پھرين مارچ تي صبح 8 وڳي کان رات 8:30 تي تائين ووٽنگ جو عمل جاري رھيو،جنهن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آھي.

ايران ۾ 2022  ۾ ھڪ ڪرد نوجوان نينگريءَ مهسا اميني جي پوليس تحويل ۾ ٿيل موت کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ اھڙو  عوامي احتجاج شروع ٿيو ھو جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اختيارين وحشياڻي ڪارروائي ڪئي،نتيجي ۾ سوين ماڻھون مارجي ويا ۽ ڪيترن کي ڦاھيون ڏنيون ويون، ان ھوندي سماج ۾ ان احتجاج سبب پئدا ٿيل ڪاوڙ موجود آھي، انساني حقن جي سرعام ٿيندڙ لتاڙ تي دنيا ۾ ان تحريڪ کي وڏي پذيرائي ملي ھئي.ان واقعي بعد ايران ۾ سياسي، سماجي پابنديون وڌيڪ سخت آھن.محدود پئماني تي چرپر آھي.

عالمي ميڊيا موجب ايران جي 290 رڪني پارليامينٽ لاءِ 15 هزار کان وڌيڪ اميدوار ميدان ۾ آهن، جنهن کي سرڪاري طور تي اسلامي مشاورتي اسيمبلي چيو ويندو آهي.اهي 4 سالن جي مدي لاءِ چونڊيا ويندا آهن، جڏهن ته اسيمبليءَ ۾ ايران جي مذهبي اقليتن لاءِ 5 سيٽون مخصوص هونديون آهن. قانون موجب پارليامينٽ انتظاميه جي نگراني ڪري ٿي، عملي طور ايران ۾ حقيقي طاقت سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي وٽ آهي.

ايران جي قدامت پسندن جو 2004 کان پارليامينٽ تي غلبو آھي۽ ھن ڀيري بھ  اهي ئي چونڊون کٽيندا.ان کان سواءِ ايران گذريل چونڊن کان وٺي عالمي پابندين کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ معاشي بحران پيدا ٿي ويو آهي.

ايران جي 8 ڪروڙ 50 لک آبادي مان 6 ڪروڙ ھڪ لک ماڻھون ووٽ ڏيڻ جا اهل آهن.مقامي فارس نيوز ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته چونڊن دوران ووٽر جو ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ رهيو آھي.

2019 جي پارلياماني چونڊن ۾  42 سيڪڙو جو ٽرن آئوٽ ڏٺو ويو ھو،جيڪو  1979 جي اسلامي انقلاب کان پوءِ سڀ کان گهٽ ھو. جڏهن ته 2021 جي صدارتي اليڪشن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ صرف 49 سيڪڙو رھيو ھو.

سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ان کان اڳ خبردار ڪيو هو ته ”ايران جا دشمن ڏسڻ چاهين ٿا ته اتي عوام موجود آهي يا نھ آھي ” هن وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن عوام چونڊن ۾ حصو نه ورتو ته دشمن ملڪ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تباهه ڪري ڇڏيندا ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندا“

آمريڪا ۽ ان جي اولھھ جي اتحادين ۽ اسرائيل جي رياست کي ايران  ھڪ ’دشمن‘ طور سمجهي ٿو ۽ مٿن  ايران جي  اندروني معاملن ۾ مداخلت جو الزام لڳائيندو رھيو آھي.

 

 

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.