مشهور ملٽي نيشنل ڪمپني نوڪيا مهانگائي جي دور ۾ پنهنجي جي سيريز جي بجيٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي.
ڪمپني نوڪيا جي 42 کي 6-78 انچ اسڪرين، جڏهن ته 4 ۽ 6 جي بي ريم ۽ 128 ۽ 256 جي بي ميموري سان متعارف ڪرايو آهي.
فون کي اينڊرائيڊ 14 جي آپريٽنگ سسٽم ۽ فنگر پرنٽ سميت ٻين سيڪيورٽي فيچرن سان پيش ڪيو ويو آهي.
نوڪيا جي 42 جي بيڪ تي 3 ڪئميرائون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ مين ڪئميرا 50 ميگا پڪسل، جڏهن ته باقي ٻه ڪئميرائون ترتيب وار 2 ميگا پڪسل جون آهن.
فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل جي ڪئميرا ڏني وئي آهي، جڏهن ته فون کي 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ فاسٽ چارجر سان متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون جي بيٽري جي ٽيڪنالاجي کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان جي بيٽري ٽن ڏينهن تائين هلائي سگهجي ٿي.
ڪمپني 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري ماڊيول جي قيمت 34 هزار رپيا، جڏهن ته 6 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري جي ماڊيول جي قيمت 43 هزار رپيا رکي آهي.
فون کي شروعاتي طور ڪجهه ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کي جلد پاڪستان ۾ به وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
Next Post
You might also like