آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو جي لو اسٽوري ڪيئن شروع ٿي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آصف علي زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو هڪ ٻئي جي ذاتي ۽ سياسي زندگي ۾ اهم حصو رهيا آهن.

جيتوڻيڪ ٻڌايو ويندو آهي ته ٻنهي جي شادي ارينج ميرج هئي ۽ سندن گهراڻن پاران ٻنهي جي شادي ڪرائي وئي پر ان باوجود سندن محبت جي قصي جي حوالي سان هڪ وڊيو مختلف وقتن تي گردش ڪندي آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي محبت جو هڪ خوبصورت داستان شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي هڪ پراڻي وڊيو ڪلپ ۾ ٻڌايو.

وڊيو ڪلپ ۾ محترمه انٽرويو دوران هڪ سوال جي جواب ۾ اهو ٻڌايو ته هوءَ ڪيئن آصف علي زرداري جي محبت ۾ گرفتار ٿي.

هن ٻڌايو ته مان رڳو 7 ڏينهن ۾ شادي جو فيصلو ڪري ورتو هو، آصف علي زرداري پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ شروع ۾ مون کي ڪيترائي گُل ۽ چاڪليٽ ڏنا.

پنهنجي شادي جي پروپوزل بابت ڳالهائيندي بينظير ڀٽو چيو ته هن مون کي هڪ منڊي ڏني، جنهن تي ٻه دليون ٺهيل هيون، منڊي تي لکيل هو ته اسان کي رڳو موت ڌار ڪري سگهي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته فلم مائيلنگ ۾ آسٽريا جي شهزادي ڪيٿرين سان شادي جي خواهش ظاهر ڪندي جيڪا منڊي ڏني وئي هئي، ان تي به اهي ئي لفظ لکيل هئا.

سندس چوڻ هو ته جنهن ڏينهن مان فلم مائيلنگ ڏسڻ سئنيما ويس ته اتفاق سان زرداري صاحب به فلم ڏسڻ لاءِ اتي موجود هو.

بينظير ڀٽو، آصف زرداري جي تعريف ڪندي چيو ته هن سئنيما ۾ مون کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ ان لاءِ فلم جي ان ڊائلاگ کي هن ياد رکيو، جيڪو منهنجي خيال ۾ ڏاڍو رومينٽڪ هو

آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو جي مڱڻي 29 جولاءِ 1987 تي لنڊن ۾ بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو جي فليٽ ۾ ٿي هئي، تقريبن 5 مهينن کانپوءِ 18 ڊسمبر 1987 تي آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو جي شادي ڪراچي ۾ ٿي هئي جڏهن ته لياري جي ڪڪري گرائونڊ ۾ گهوٽ ڪنوار جي ويجهن مائٽن کانسواءِ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.