ڇا اوهان به تڪڙي تڪڙي ماني کائيندا آهيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انسانن جون کوڙ فطرتون آهن ۽ کاڌي جون عادتون به مختلف آهن. ڪجهه اهڙا آهن جيڪي پنهنجو سمورو وقت کائڻ پيئڻ کي ڏين ٿا ڀلي کڻي اڪيلا ڇو نه هجن، يا ٻين ماڻهن سان هوندي به هو جلدي جلدي کائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

کوڙ ماڻهو ان عادت جي ڳنڀيرتا ۽ وقت سان گڏوگڏ جسم تي پوندڙ اثن کي نٿا ڄاڻن ۽ بنا سوچي سمجهي، وقت جي کوٽ سبب ڪنهن ڪم، مطالعي ۽ ٻين مصروفيتن دوران ماني تڪڙي کائين ٿا.

پر هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته توانائي جي فراهمي ۽ صحت کي برقرار رکڻ لاءِ رڳو ماني کائڻ ڪافي ناهي پر ان کي کائڻ جا طريقا به ڪافي اهم آهن.

مناسب طريقي سان ماني نه کائجي ته صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي.

ان حوالي سان هڪ تحقيق ۾ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ماني کائڻ جي طريقن سان انسان تي ڪهڙا اثر پون ٿا. جاپاني يونيورسٽي آف هيروشيما طرفان ڪيل هڪ تحقيق ۾ ماهرن شريڪ ٿيلن جي هڪ گروپ کي ٽن گروهن ۾ ورهايو. هڪ گروهه جلدي ماني کائي رهيو هو ٻيو آهستي ۽ ٽيون گروپ معمول موجب کائي رهيو هو.

تحقيق موجب شروعاتي طور تي ڪنهن به گروپ ۾ بيماري يا ڪمزوري جون علامتون ظاهر نه ٿيون پر پنجن سالن بعد ماهرن نوٽ ڪيو ته جيڪي ماڻهو تڪڙي تڪڙي ماني کائيندا آهن انهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر، وڌيڪ وزن، انسولين خلاف مزاحمت ۽ لپڊ ڊس آرڊر هجڻ جو امڪان 89 سيڪڙو وڌيڪ هو.

ماهرن ٻڌايو ته جيڪي ماڻهو جلدي ماني کائيندا آهن اهي وزن ۾ واڌ جو شڪار ٿي ويندا آهن ڇو ته جلدي کائڻ سان پيٽ ڀرجڻ جو احساس ناهي ٿيندو ۽ ضرورت کان وڌيڪ ماني کاڄي ويندي آهي.

سٺي صحت کي برقرار رکڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ جو واسطو رڳو ان ڳالهه سان ناهي ته ڇا کائجي پر ان ڳالهه سان به آهي ته ڪيترو جلدي کائجي.

جڏهن ماڻهو جلدي کائيندا آهن ته اهي عام طور تي پيٽ ڀرجڻ جو احساس ناهن ڪندا، جلدي کائڻ سان گلوڪوز جي سطح ۾ وڌيڪ لاها چاڙها ايندا آهن جيڪو انسولين خلاف مزاحمت جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

آهستي آهستي کائڻ ميٽا بولڪ سنڊروم کي روڪڻ ۾ مدد لاءِ لائيف اسٽائل ۾ اهم تبديلي ٿي سگهي ٿو.

ان کانسواءِ کائڻ جي بهتر عادتن ۾ کائڻ ۾ باقاعدگي جي هدايت ڪئي ويندي آهي. پنهنجو پاڻ کي کائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي تربيت ڏيو، ان لاءِ اوهان کائڻ دوران ٽي وي بند ڪرڻ ۽ موبائيل فون کان پري رهڻ کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 منٽ کائڻ لاءِ ڇڏيو. ماني کائڻ وقت ننڍا ننڍا گرهه ڪري سٺي نموني چٻاڙي کائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.