جعلي ڊگري ڪيس: جمشيد دستيءَ کي 17 سال ٽِيپ

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان جي مقامي عدالت عوامي راڄ پارٽي جي سربراهه جمشيد دستي کي 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ملتان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي فيصلي موجب، جمشيد دستيءَ کي قلم 82 جي ڏوهه ۾ 3 سال، 420 جعلسازي تي 2 سال، جعلي دستاويزن تي 7 سال ۽ 471 شق تحت اجعلي دستاويزن کي اصل طور استعمال ڪرڻ تي 2 سال قيد ۽ 10 هزار رپيا ڏنڊ، جڏهن ته قلم 206 تحت رشوت ڏيڻ جي ڪوشش تي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
جمشيد دستي خلاف اليڪشن ڪميشن جعلي ڊگري جي شڪايت داخل ڪئي هئي.
اليڪشن ڪميشن موجب، جمشيد دستي 2008 ۾ مدرسي جي بي اي ڊگري تي اليڪشن ۾ حصو ورتو هو، پر ان ڊگريءَ جو هائير ايجوڪيشن ڪميشن وٽ رڪارڊ موجود نه هو.
اليڪشن ڪميشن موجب، جوابدار آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ حقيقت لڪائي، تنهنڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.
عدالت طرفان جمشيد دستي کي بار بار طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي فيصلو ٻڌايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.