حارث رئوف پاران ڀارتي تماشائين کي 0-6 وارو اشارو ڪرڻ اداڪار ياسر حسين جي ڇتي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر حسين فاسٽ بالر حارث رئوف طرفان ڀارتي شوقينن کي جواب ڏيڻ لاءِ ڪيل 0-6 واري اشاري تي تنقيد ڪئي آهي.
گذريل ڏينهن ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي جي ٻي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني، ان باوجود به پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف ميچ دوران ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو.
ميچ دوران حارث رئوف بائونڊري تي فيلڊنگ ڪري رهيو هو، جتي ڀارتي تماشائي کيس ڪوهلي جو وٺي چيڙائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ان جي جواب ۾ حارث رئوف هٿ سان مئي ۾ پاڪستاني ايئر فورس طرفان ڀارتي فضائيه جا ڇهه جهاز ڪِيرائڻ وارو اشارو ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ حارث رئوف پهرين آڱرين سان 0-6 جو اشارو ڪيو ۽ پوءِ ڊرامائي انداز ۾ هڪ جهاز جي اڏامڻ ۽ تباهه ٿيڻ جو تاثر پڻ ڏنو.
اهو اشارو هلندڙ سال مئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ ڏانهن هو، جنهن ۾ پاڪ ايئرفورس ڇهه ڀارتي جنگي جهاز تباهه ڪيا هئا.
ميچ ۾ شڪست باوجود پاڪستاني سوشل ميڊيا واهپيدارن فاسٽ بالر جي هن ردعمل کي ساراهيو، ڇو ته ان کان پهرئين مقابلي ۾ ڀارتي ٽيم فتح تي پاڪستان ٽيم سان هٿ نه ملايو هو.
پراداڪارا ياسر حسين حارث رئوف جي عمل تي تنقيد ڪندي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته ’’ڀائي جان! اِهو پاڪستان ايئر فورس جو ڪريڊٽ آهي، انهن کي ڏيو، توهان جو ڪم ڪرڪيٽ کيڏڻ هو، جيڪو توهان کان نه ٿي سگهيو.“
هدايتڪار پنهنجي اسٽوريءَ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي مخاطب ڪندي تجويز ڏني ته هو هڪ سال لاءِ ڪرڪيٽ ميچون معطل ڪري ڇڏين ۽ رڳو رانديگرن جي تربيت تي ڌيان ڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.