ميرا سٺيءَ جا اڍائي سالن بعد طلاق جي تصديق سميت ڪيئي ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي جي ڌيءَ ۽ اداڪارا ميــرا سيٺي اڍائي سالن کانپوءِ طلاق جي تصديق ڪئي آهي.
ويجهڙ ۾ ڏنل هڪ انٽرويو دوران اداڪارا ميــرا سيٺي اعتراف ڪيو ته ”مارچ 2023 ۾ منهنجي طلاق ٿي هئي، ان ڳالهه کي اڍائي سال ٿي ويا آهن، انهيءَ وقت مان هڪ ڊرامي جي شوٽنگ ۾ رڌل هيس، اهو مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو وقت هوم پر خوش قسمت هيس جو مون کي ڀرپور ساٿ مليو.،
طلاق کانپوءِ پيش آيل ڏکيائين بابت سوال تي ادڪارا چيو ته ”ڪيئي سال مون هڪ ڊرامي ۾ ڪم ڪيو هو جنهن جو ڊائلاگ اڄ به ياد آهي ته ”هڪ طلاق يافتا عورت سماج لاءِ ڪنڊو بڻجي وڃي ٿي “، پر حقيقت ۾ هاڻي صورتحال گهڻي بدلجي وئي آهي، مون سميت ڪيئي اداڪارائون هاڻي ان موضوع تي کلي ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي.“
اداڪارا ميــرا طلاق کانپوءِ واري ٽراما جو اعتراف ڪندي چيو ته ”عليحدگي وارو عمل ڪنهن به عورت لاءِ آسان ناهي هوندو، طلاق ڪنهن به عورت جي زندگيءَ ۽ شخصيت تي گهرو اثر ڇڏيندي آهي، اڄ به طلاق کي اڍائي سال گذري وڃڻ باوجود مان دنيا سان پنهنجو تعلق ڄاڻڻ لاءِ پاڻ ۾ جهاتي پائي رهي آهيان.“
ياد رهي ته ميــرا سيٺي نومبر 2019ع ۾ آمريڪا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ پنهنجي ويجهي دوست بلال صديقي سان سادگيءَ سان پرڻو ڪيو هو، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ٿيون هيون.
ميــرا سيٺي ۽ بلال صديقي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران ويجهڙايون وڌيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.