ڇا اسلام آباد ۾ ھڪڙي ديواني جي به گنجائش ناهي

تحرير: محمد حنيف

نگران حڪومت جي سونهري دور جي شروعات ۾ ئي هڪ وزير سڀني کي خبردار ڪيو هو ته پاڪستان ھڪ ايٽمي طاقت آهي ان ڪري هتي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. منھنجو خيال ھو نگران شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار ٿي رھيا آهن.

جيترو وڏو توھان وٽ هٿيار ھوندو آهي، خوف اوترو ئي گهٽ هجڻ گهرجي.جڏهن کان اسان بم ٺاهيو آهي، اسان کي اھو ئي ٻڌايو ويو آهي ته دشمن اسان کي ڪڏھن بھ ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. آمريڪا کان وٺي انڊيا تائين جيڪي بھ طاقتون آھن.جتي چاهين گھڙي ٿيون وڃن، اهي پاڪستان جي سرحدن جي اندر اچڻ وقت سئو ڀيرا سوچينديون.دفاعي تجزيه نگار به اھو ئي ٻڌائيندا ھئا تھ هي بم ھلائڻ  لاءِ ناھي پر دشمن کي خوفزده ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.جڏهن نگران وزير صاحب ان سان پنھنجن ئي ماڻھن کي ڊيڄارڻ شروع ڪيو تھ  لڳو پاڪستان هڪ ٻي قسم جي دفاعي رياست بڻجڻ وڃي رھي آهي.

ڪالھھ اسلام آباد ۾ تحويل ۾ ورتل صحافي ۽ يوٽيوبر اسد طور جي 78 سالن جي ماءُ جي هڪ مختصر وڊيو ڏٺي،جڏهن هوءَ پنهنجي پٽ سان ملي آئي هئي.اھا ماني کڻي وئي ھئي طور نھ کاڌي،ھو زور ڀريندي رھي،طور بک ھڙتال تي ھو.تنهنڪري هن شايد پنهنجي ماءُ کي لنوائڻ لاءِ چيو تھ هو بعد ۾ کائيندو.سندس ماءُ ايف آءِ اي، عدالت يا ڪنهن ٻئي اداري کي ڪا شڪايت نه ڪئي ۽ رڳو دعا ڪئي ته الله منهنجي پٽ کي هدايت ڏئي.

اسلام آباد کي هميشه پري کان حسرت جي نظر سان ڏٺو آهي.ڪڏهن وڃڻ جو اتفاق ٿيو ته هڪ ئي شام ۾ ڏهن سياڻن سان ملاقات ٿي وڃي ٿي.ڪنهن وٽ اندر جي خبر،ڪنهن وٽ اندرکان بھ اندر جي خبر هوندي آهي ۽ پوءِ اھو جيڪو اندر جي خبر ٻاھر آڻيندڙن جو نالو،حسب ۽ نسب سان بھ ٻڌائي ڇڏيندا آهن.اسد طور سان نه ڪڏهن ملاقات ٿي ۽ نه وري ڪڏھن سياڻو لڳو.ڪڏهن ڪڏهن  هن جي يوٽيوب چينل تي بٽڻ دٻائي ڇڏيندو ھوس. من موجي،جذباتي، گهٽيءَ جي ڪنڊ تي بيٺل ڇوڪرو، جيڪو هٿ لوڏي، ڪڏهن ٿڌي ۽ تلخ زبان ۾ ڳالهيون ڪندڙ ..

گذريل مهيني اسلام آباد ۾ بلوچستان مان اغوا ٿيل پنهنجن پيارن جو حساب گهرڻ لاءِ آيل ٻارڙين ۽ بزرگن ڪئمپ لڳايو ۽ اسلام آباد جا  اڪثر سياڻا پنهنجي آتشدانن  اڳيان اليڪشن جي نتيجن تي شرطون لڳائي رهيا هئا، ھو ڪئميرا کنيو، احتجاجي ڪئمپن مان سندن آواز اسان تائين پهچائي رھيو ھو.مون سوچيو ته هي ڪهڙو يوٽيوبر آهي، جنهن کي اها به خبر ناهي ته بلوچ ڪهاڻيون ٻڌائي ڪڏھن بھ ڪو يوٽيوب اسٽار ناھي بڻيو.ان کان اڳ  ٻڌو آهي ته جڏھن  سپريم ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس تي جڏهن خراب وقت آيو ھو تھ ھن جي عزت جو محافظ بڻيل ھو.

عدليه جي سياست جي ڪڏهن به سمجهه نه آئي آهي، پر مون اھو ئي سمجهيو ته سياڻن  جي ھن شهر اسلام آباد ۾ هميشه ھڪ ديواني جي ضرورت ھوندي آهي. اسان جي تاريخ ۽ ثقافتي روايت به آهي.بادشاھ بھ پنھنجي درٻار ۾ ھڪ مسخرو رکندا ھئا. ڳوٺ جا چوڌري ۽ وڏيرا بھ ھڪڙي ميراثي کي برداشت ڪن ٿا.جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ھڪ ملنگ نه هجي ته ڳوٺ مڪمل نه ٿيندو آهي. اسد طور بھ مونکي ڪئميرا وارو  ملنگ ئي لڳو،جنهن کان سواءِ اسلام آباد جو ڳوٺ  مڪمل نٿو  ٿئي.

هن ڳوٺ ۾ اڃا تائين اهو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ته طور تي گھڻي ڪاوڙ عدليھ عظميٰ کي آھي يا انھن کي جن لاءِ اسلام آباد جا صحافي ڪلھن تي آڱريون رکي ٻڌائيندا ھئا، پوءِ ڪنھن ٻڌايو تھ ڪوڊ ورڊ پاڪستان عسڪري ادارن جي لاءِ..

اسلام آباد جي هڪ اندرين ٻڌايو تھ مسئلو اهو ناهي ته ڪهڙي اداري جي وڌيڪ بي عزتي ٿي آهي پر اسد طور ٿورڙو بدتميز آهي، ڪنهن جي به عزت نٿو ڪري.مون کي اڃا به اميد آهي ته اسلام آباد ۾ ڪو سياڻو ڪنھن وڏي سياڻي  کي سمجهائي ڇڏيندو  ته اسان ھڪ ايٽمي طاقت آهيون ۽ اسان دشمن چونڊيو آھي  ايترو سنھڙو سيپڪڙو  طور سٺو نٿو لڳي.اسان جو نگران وزيراعظم اسان کي هڪ ڀيرو اھو بھ  ٻڌائي چڪو آهي ته دهشتگردن جون به مائرون هونديون آهن.

اسد طور جي ماءُ ڪئميرا آڏو دعا گھري چڪي آهي ته الله سندس پٽ کي هدايت ڏئي. جن ادارن سان اسد طور  بدتميزي ڪئي آهي. انھن جا سربراھ  اسان کي ڪڏهن ڪڏهن دين جو درس ڏيندا آهن. دعا ھر دين جو بنيادي عنصر آھي.جيڪڏهن اهي انصاف نٿا ڏئي سگهن ته پوءِ طور جي ماءُ جي دعا سان گڏ دعا ڪن  ته الله اسان جي پٽ کي هدايت ڏئي ۽ ان سان گڏ پنهنجي لاءِ به الله کان هدايت گهرن.

 

عدليه جي سياست جي ڪڏهن به سمجهه نه آئي آهي، پر مون اھو ئي سمجهيو ته سياڻن  جي ھن شهر اسلام آباد ۾ هميشه ھڪ ديواني جي ضرورت ھوندي آهي. اسان جي تاريخ ۽ ثقافتي روايت به آهي.بادشاھ بھ پنھنجي درٻار ۾ ھڪ مسخرو رکندا ھئا، ڳوٺ جا چوڌري ۽ وڏيرا بھ ھڪڙي ميراثي کي برداشت ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.