بلوچستان جي عوام جو پارلياماني سياست ڏانهن لاڙو

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾گذريل 10 سالن کان جاري سياسي ۽ جمهوري ۽ حڪومتي بحران آخرڪار پنهنجي پڄاڻي کي پهچڻ وڃي رهيو آهي.  هاڻوڪيون چونڊون ڪيترن ئي حوالن سان غير معمولي نتيجا ڏيندڙ ۽ عوام طرفان پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ وارا شاندار فيصلا ڪيا ويا آهن. ملڪ ۽ پنهنجي جياپي جي هن جنگ ۽ ڪيل ويڙهه يقينن سوڀاري ٿي ويئي آهي.  محترمه بينظير ڀٽو شهيد موجب”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي “ واري فڪر ۽ سياسي فلسفي جي هڪ ڀيرو وري سوڀ وارو منظر صاف نظر اچي رهيو آهي.

يقينن هنن چونڊن سان عوام جي پنهنجي طاقت ۽ توانائي وري بحال ٿي ويئي آهي ۽ عوام ۽ ووٽرن پنهنجي ووٽ جي هٿيار سان  پنهنجي ملڪ ۽ معاشري جي جسم ۾ پيدا نفرتن واري ناسور ۽ ڪينسر جو ڪاميابي سان آپريشن ڪري جسم کان ڌار ڪري  پنهنجي سماج ۽ جمهوري سرشتي جي بحالي ذريعي  نجات ڏيارڻ   واري شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. چونڊن بعد صوبن ۽ قومي اسيمبلي جي ايوانن ۾ چونڊيل ميمبرن پنهنجي عهدن جا قسم کڻي سيٽن تي ويهي رهيا آهن ۽ صوبن جا وزير اعلي، ۽ اسيمبلين جا اسپيڪر پنهنجا عهدا سنڀالي چڪا آهن ۽ هاڻي وزير اعظم، صدر مملڪت ۽ سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين ۽ نائب چيئرمين جون رهيل چونڊون  ۽ وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت سازين وارا آئيني ۽ قانوني مرحلا پڻ تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن.

اسانجي ملڪ جي گذريل دور ۾ جيڪي ڪجهه وهيو واپريو اهو ڪنهن خوفناڪ فلم جي منظرن وانگر حقيقي منظرن ۽ واقعن تي مشتمل رهيو. جنهن موجب ملڪ جي سياست ۾ هالي ووڊ جي انگريزي ايڪشن فلمن وانگر خوفناڪ واقعا ۽ تباهين وارا منظر کليل اکين سان اسان کي پنهنجي اردگرد ٿيندا بلڪل ٿيندا نظر آيا ۽ اسان پنهنجي پڙهندڙن کي پڻ نئين دور جي هلاڪو خان  جي ڪمن، وارداتن ۽ ارهه زورائين کان بروقت ۽ هروقت آگاهه پڻ ڪندا رهيا آهيون. اسان جي قلم اهي منظر پڻ قلمبند ڪيا جڏهن  ملڪ ۽ قوم جي عزتن ۽ مان کي  وڏي داداگيري سان لتاڙيندي ۽ خاڪ ۾ ملائيندي ڏٺو ويو ته اهو رپورٽ ڪيو ويو ۽ انهي تي پنهنجو احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو.

ملڪ جي طاقتور گروهن طرفان اسان جي ملڪ ۾ پيدا ڪيل اهو نئون هٽلر، ملڪ جي جمهوري ادارن، پارليامينٽ ۽ سماجي ادارن تي حملا ڪندو رهيو ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانون کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندو رهيو ۽ سمورن عزتدارن ۽ جمهوري قوتن تي پڻ حملا ۽ سمورن عزت دارن جي توهين ڪندو رهيو ۽ هن جي انهي بداخلاقي ۽ شرمناڪ عمل ۾ وڏا مالدار ترين ۽ جهازن ۽ فيڪٽرين جا مالڪ، ٽيڪس چور ۽ پلاٽن ۽ عوامي ملڪيتن تي قبضا ڪندڙن جا لشڪر گڏ ٿي کيس وسيلا مهيا ڪندا رهيا ۽ پنهنجيون گاڏيون ۽ ڪلها پيش ڪندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ هن جنوني خان سموري ملڪ کي کڻي نفرتن ۽ تباهين جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ آخرڪار اها لڳايل باهه سندس گهر ۽ طرفدارن جي  بنگلن ۽ گودامن کي جڏهن ورائي وئي ته سمورا کيس وٺي وڃي اڊيالا بندر ۾ داخل ڪرائي آيا هن کان لاتعلقي اختيار ڪري ويا آهن.

ملڪ سان جيڪو افسوسناڪ الميو ٿيو انهي موجب، هتي پڻ جرمني واري وحشي ۽ آمر ايڊولف هٽلر واري سياست جي پيروڪارن طرفان هٽلر وانگر نفرتن، بدزباني ۽ گارگند ۽ الزام  تراشين ۽ دهشت گردي کي به سياست ۽ سياسي آزادين جو نالو ڏئي پيش ڪيو ويو.جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ هڪ نه صرف هڪ وڏي تباهي جو شڪار ٿي ويو پر ملڪ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪڻ شروع ڪيو ويو.

نفرتن واري اها باهه واري راند اسانجي ملڪ کي چئني پاسن کان ورائي رهي هئي جنهن نه صرف ملڪ جابنياد لوڏي ڇڏيا پر اڳتي وڌي نفرتن جي اها باهه اسان جي گهرن ۽ بازارن کي پڻ تيزي سان ساڙڻ ۽ ڀسم ڪرڻ لڳي هئي. اهڙي قسم جي ڏوهاري سياست جي روڪٿام۽ انهن تباهين آڏو بند ٻڌڻ وارو سڀ کان وڏو مرڪزي ڪردار ۽ اعزاز ملڪ جي خالق سنڌ صوبي ۽ سنڌي قوم کي حاصل ٿيو آهي ۽ انهيءَ  جدوجهد ۾ بلوچستان ۽ پنجاب جي  سرائيڪي وسيب ۽  ٻين قومن جي جمهوريت پسند عوام پڻ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو.

ملڪ ۾ آزادي ۽ انصاف جي نعرن ۽ جهنڊن هيٺ ٿيل جعلسازي ۽ انصاف جي نعري ۾ نفرتون   ۽ ناانصافي پکيڙن وارو جيڪو زهر ڀريو ويو ان جون تمام وڏيون هاڃيڪاريون اڄ اسان کي هنڌ تي نظر اچي رهيون آهن. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ملڪ ڪنهن وڏي حادثي جو شڪار ٿيڻ وڃي رهيو هو جنهن کان هڪ وٿي جي فرق سان بچي نڪتو آهي.

25 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز کي ڪن آپگهاتي بمبارن هٿيارن ۽ طاقت جي زور تي يرغمال بڻائي ورتو آهي ۽ جهاز جي پائيليٽن ۽ ڪيپٽن کي هٽائي. قبضو ڪندڙ ڪرڪيٽ ڪپتان پاڻ ئي اڏائڻ شروع ڪيو آهي ۽ جهاز بي قابو ٿي مختلف سمتن ۽ رخن ڏانهن لامارا ڏيئي ڪنهن به وقت ڪنهن جبل سان ٽڪرائجي تباهه ٿي سگهي ٿو يا ڪنهن ويراني يا سمنڊ ۾ ڪريش لينڊنگ ڪري سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ جهاز ۾ يرغمال ٿيلن ماڻهن مان ئي ردعمل پيدا ٿيو ۽ هائيجيڪرن کي ٻڌي کڻو سوگهو ڪيو ويو ۽ جهاز جي ڪنٽرول پاڻ حاصل ڪرڻ بعد اڏام بحال ڪئي وئي ۽جوابدارن کي ويجهي ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي عملدارن جي حوالي ڪري ملڪ ۽ قوم کي هڪ وڏي تباهي کان بچايو ويو .

ملڪ ۾ هن وقت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جوڙجڪ ۽ آئيني عهدن صدرمملڪت، وزير اعظم چيئرمين سينيٽ ۽ صوبن جي گورنرن جي مقرري وارا مرحلا پڻ مارچ مهيني دوران ئي مڪمل ٿيڻ وڃي رهيا آهن. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي تعداد مڪمل ڪرڻ جا انتظام پڻ وقت اندر مڪمل ڪيا پيا وڃن. ملڪ جو جمهوري ۽ آئيني سرشتو فعال ٿيڻ جي نتيجي ۾ ملڪ جي وفاقي جمهوري نظام ۽ صوبن لاءِ  بهتري جا رستا پڻ جلدکلڻ  شروع ٿي سگهن ٿا.

خوشي جي ڳالهه آهي ته، اسانجو ملڪ  تمام وڏي سياسي، فڪري انتشار ۽ آئيني ۽ سياسي بحران ۽ خوفناڪ حالت جوشڪار ٿيڻ بعد انهي تباهي ۽ بربادي واري ڏٻڻ مان ڪاميابي سان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ جو وفاق ۽ صوبا طوفانن ۽ تباهه ڪارين کي جهاڳيندي اڳتي وڌي رهيا آهن.

ملڪ کي بحراني صورتحال مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ سنڌ ، بلوچستان ۽ پنجاب جي سرائيڪي عوام اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. چونڊن ۾ملڪ ۾ وري جمهوري طاقتن کي ڪامياب ڪري سنڌ اسيمبلي کان وٺي، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۾ وڏي تعداد ۾ موڪلي ملڪ ۽ جمهوري پارلياماني سرشتي کي  وري نئين زندگي ڏني آهي ته اهو اعزاز ۽ فخر پڻ سڀ کان وڌيڪ سنڌ  ۽ ان بعدصوبي بلوچستان  جي بلوچ قوم ۽ پنجاب ۽ سرائيڪي جمهوريت پسند عوام طرفان جمهوريت کي اها سوڀ حاصل ٿي آهي.

هن ڀيري بلوچستان جي عوام پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ جمهوريت پسندي وارن فيصلن ۾ پنهنجي ووٽ جي طاقت شامل ڪري پنهنجي نئين جمهوري تاريخ لکي آهي. يقين، بلوچستان جي عوام طرفان جمهوري سرشتي ۾ وڏي دل سان شامل ٿيڻ هن قوم طرفان مبارڪ قدم ثابت ٿيو آهي  ۽  انهن فيصلن جا سموري ملڪ تي سٺا ۽ خوشگوار اثر پئجي رهيا آهن. هاڻي بلوچستان جي عوام جي پنهنجي صوبائي حڪومت ۽ وفاق ۾ پڻ اتحادي حڪومت ۽ شراڪت داري وڌندي  نظر اچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ بلوچستان جا قومي ، سماجي ۽ انساني حقن ۽امن و انصاف وارا معاملا پڻ بهتري واري پاسي وڃي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.