ٻارن جي آن لائن سرگرمين جي حوالي سان ھوشيار رھو

تحرير: محمد فاروق

عام طور تي ماڻھون انٽرنيٽ جي فائدي بابت معلومات رکن ٿا،پر ان جي اونداھي پاسن بابت ٿورا ئي ماڻھون ڄاڻن ٿا.آن لائن خطرو ھو عالمي رجحان جي حيثيت اختيار ڪري ويو آھي،پر پاڪستاني نقطھ نظر سان اسان کي وڌيڪ چئليجن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي،جنھن ۾ توھين وارن ۽ فرقيوار مواد کي اپلوڊ ڪرڻ، پوسٽ ڪرڻ يا ٻين سان شيئر ڪرڻ پڻ شامل آھي.

اھڙن حساس موضوعن جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ اسان کي پنھنجن سوشل ميڊيا صارفين (يعني نواجوانن،والدين،استادن وغيرھ) کي ان سان لاڳاپيل نقصانن جي باري ۾ مڪمل آگاھي ڏيڻ جي ضرورت آھي تھ جئين پنھنجي نسل کي وڌيڪ نقصانن کان بچائڻ جي لاءِ وقت سر ۽ مناسب قدم کڻي سگھجن.گھربل نتيجن حاصل ڪرڻ کي نظر ۾ رکندي سمورن اسٽيڪ ھولڊرز پاران گڏيل ڪوششون اڻٽر آھن.

جتي اسان جي نوجوان آن لائن خطرن جي باري ۾ مڪمل آگاھ نھ آھن اتي انھن جا والدين يا سرپرست پڻ آن لائن خطرن،سوشل ميديا پليٽ فارمز جي ڪميونٽي گائيڊ لائز ۽ مقامي قانونن (يعني پيڪا،پي پي سي وغيرھ ) ۾ ذڪر ڪيل سزائن جي باري ۾ پوري ريت معلومات نٿا رکن. والدين ۽ استادن کي پنھنجي ٻارن يا شاگردن جي آن لائن سرگرمين تي نظر رکڻ جي ضرورت آھي خاص طور تي جڏھن اھي جارحاڻي رويي جو مظاھرو ڪري رھيا ھجن،جيڪو عام طور تي اھڙو رويو ٻارن ۾ گھڻو ڪري آن لائن مار ڪٽ واري گيمز کيڏڻ سان پئدا ٿئي ٿو.

ڪڏھن ڪڏھن ٻار خاموش طبيعت ۽ تنھائي پسند ٿي وڃن ٿا ۽ پاڻ کي ٻين کان الڳ ٿلڳ رکڻ شروع ڪري ٿا ڏين.ان مرحلي ۾ ٻارن کي سندن والدين ۽ استادن طرفان وقت بوقت مناسب مشورن جي ضرورت ھوندي آھي،اھڙي صورتحال کان بچڻ جي لاءِ اھڙن مناسب قدمن جي ضرورت آھي جئين ٻارن کي موبائل ۽ ليپ ٽاپ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي بلڪھ انھن کي ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيو ۽ اھو پڻ اھڙي جڳهھ تي رکيو وڃي جتي اھو سڀني جي نظر ۾ھجي،اھري طرح ٻار جي جسماني سرگرمين تي ٻڌل راندين کي آن لائن گيمنگ جي سھولت تي ترجيح ڏيو.

سڀ کان اھم ڳالھھ والدين کي پنھنجي ٻارن جي لاءِ وقت ڪڍڻ گھرجي،انھن کي ٻارن سان دوستاڻا رويا اختيار ڪندي انھن کي آن لائن خطرن جي حوالي سان آگاھي ڏيڻ گھرجي.ائين ٻارن تي پنھنجو فيصلو مڙھڻ بدران انھن جا مسئلا تسلي سان ٻڌڻ گھرجن.ٻي صورت ۾ اھي اجنبين يا آن لائن شڪارين تي اعتماد تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا جيڪو انھن جي لاءِ گھڻو خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو.تعليمي ادارن کي پڻ سيمينارز ۽ ويبينارز،ورڪشاپس وغيرھ جي ذريعي آن لائن خطرن کان آگاھي پئدا ڪرڻ جي ضرورت آھي.

ان کانسواءِ پرائيوٽ ڪمپنين جي پيرينٽل ڪنٽرول سافٽ ويئر ۽ سوشل ميڊيا ڪمپنين جا پنھنجا فيچرز بھ ان حوالي سان سھولتون مھيا ڪن ٿا.جنھن ذريعي ٻارن کي غيرمناسب مواد کان بچائي سگھجي ٿو.جنھن ذريعي مناسب مواد يا ايپس جي فلٽر،اسڪرين جي وقت کي محدود ڪرڻ ۽آن لائن سرگرمين وغيرھ جو مشاھدو ڪري سگھجي ٿو.

پي ٽي اي،جي ويب سائيٽ…. ..www.pta.gov.pta…. تي پرائيويٽ ڪمپنين جي پيرينٽل ڪنٽرول سافٽ ويئرز جي فھرست رکي وئي آھي.جنھن کي سبسڪرائب ۽انسٽال ڪري ٻارن جي آن لائن سرگرمين جي نگراني ڪري سگھجي ٿي.

سوشل ميديا صارفين جي رھنمائي جي لاءِ پي ٽي اي،جي ويب سائيٽ تي وڏن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي گائيڊ لائنز جا لنڪس ۽ يو آرايلز  تي ٻڌل ھڪڙي فھرست پڻ رکيل آھي،جنھن ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي مواد پوسٽ ڪرڻ يا ٻين سان شيئر ڪرڻ جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ۽ھدايتون موجود آھن.

ان سان گڏوگڏ اليڪٽرانڪ ڏوھن جي روڪٿام جو ايڪٽ (پي اي سي اي يعني پيڪا ايڪٽ) 2016 ۾ منظور ڪيل ھو.جنھن تحت پي ٽي اي،کي انٽرنيٽ يا سوشل ميڊيا تي غيرقانوني مواد کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي،کي سائبر ڪرائم بابت معاملن جي تحقيقات ۽ قانوني ڪارروائي جو اختيار حاصل آھي.عوام اھڙي مواد جي باري ۾ پي ٽي اي،کي ڪمپلينٽ مينيجمينٽ سسٽم (سي ايم اي)  (https://complaint.pta.gov.pk/RegisterComplaint.aspx ) يا پي ٽي اي، جي موبائيل ايپ جي ذريعي شڪايتون داخل ڪرائي سگھن ٿا ۽ سائبر ڪرائم بابت ڏوھارين جي خلاف قانوني ڪارروائي جي لاءِ ايف آءِ اي ( سائبر ڪرائيم ونگ) کي غيرقانوني مواد جو اطلاع ڏئي سگھن ٿا.

ياد رھي تھ سموريون مشھور سوشل ميديا ڪمپنيون ۽ ان جا سسٽمز پاڪستان کان ٻاھر محفوظ (HTTPs) سائٽس تي پوسٽ ڪيا ويا آھن.جيتوڻيڪ پي ٽي اي،جي پاران غيرقانوني مواد کي ھٽائڻ يا بلاڪ ڪرڻ جي لاءِ وصول ٿيل شڪايت جو تجزيو ڪرڻ بعد لاڳاپيل سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي موڪلي ويندي آھي.

پر سوشل ميڊيا فارمز جي معاملي کي فوري حل ڪرڻ جي لاءِ ھميشھ شڪايت ڪندڙ سان سڌي ريت رابطي کي ترجيح ڏين ٿا تھ جئين شڪايت ڪندڙ سڌي ريت وڌيڪ معلومات (جيڪڏھن ضروري ھجي ) حاصل ڪندي شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي.مقبول سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي شڪايت داخل ڪرائڻ جي لنڪس ھي ڏنا ويا آھن؛ فيس بڪس (https://www.facebook.com/help/181495968648557)،  يوٽيوب.. (https://support.google.com/youtube/answer/2802027?hl=en&co=GENIE)، ٽوئٽر .. (https://help.twitter.com/en/rules-and-policies/twitter-report-violation#specificviolations)   ٽڪ ٽاڪ (https://support.tiktok.com/en/safety-hc/report-a-problem/report-a-video) انسٽاگرام ..( help.instagram.com/519598734752872)

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.