قومي اسيمبلي ۾ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پارليامينٽ کي منڊي بڻائڻ چاهين ٿا، اسٽيبلشمينٽ آئين سان هٿ چراند پئي ڪري، سڀ طئي ڪن ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سياست ۾ نه هوندو.ايوان ۾تقرير ڪندي ھن چيو ته چونڊ نتيجن ۾ تبديلي جا ذميوار پاڪستان ۽ عوام جا غدار آهن، يقين رکو ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سياست ۾ نه هوندو، فوج ۽ ايجنسين کي سياست کان توبه ڪرڻي پوندي.هن چيو ته ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي ۽ مارشل لا جي حمايت نه ڪندڙ ججن کي هيرو قرار ڏنو وڃي ۽ جن ججن مارشل لا جي حمايت ڪئي انهن جون پگهارون به واپس ورتيون وڃن.
هن عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو آهي.ھن چيو تھ پارليامينٽ ۾ ڪير به ٻين بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ آئين سان کيڏندي رھي آھي. هي 22 ڪروڙ عوام جو نمائندن جو ايوان آهي. ڪجهه ماڻهو پارليامينٽ کي ٻڪرامنڊي بڻائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته نواز شريف چوندو هو ته ووٽ کي عزت ڏيو، عمران خان به عوام جي طاقت سان آيو آهي، سڀني کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سياست ۾ نه هوندو ۽ پاڪستان جي اندروني ۽ ٻاھرين سياست جو سرچشمو هي پارليامينٽ هوندي.
8 فيبروري تي نوجوان نڪري آيا، انهن ملڪ لاءِ ووٽ ڏنو پر هتي اڳواٽ ئي عهدا ورهائي آئين سان غداري ڪئي وئي. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اعلان ڪيو وڃي ته ملڪ جا فيصلا ايوان ۾ ٿيندا، پارليامينٽ تي جنهن گندي طريقي سان حملو ڪيو ويو ان جو مثال نٿو ملي. جھوني سياسي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ پنھنجي مختصر تقرير ۾ ملڪ جي اصل معاملي کي بھترين طريقي سان پيش ڪري ڇڏيو آھي.ھاڻي تھ ھر ڪو اھو تسليم ڪري رھيو آھي تھ ھڪ عرصي کان ملڪ جي سياست ۾ ادارن جي مداخلت جاري آھي،جنھن ڪري ھڪڙن کي اڳيان آندو ۽ ٻين کي پوئتي رکيو ٿو وڃي.ملڪ ۾ غدار کي محب وطن ۽ محب وطن کي غدارن جو لقب ڏيندڙن ئي اصل ۾ ھن ملڪ جي آئين ۽ قانون سان راند ڪئي آھي.
ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن ۾ اھو بحث ٿيندو رھيو آھي تھ سياست جي ميدان ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار نھ ھئڻ گھرجي.ھاڻي جڏھن ھڪ نئين پارليامينٽ جي شروعات ٿي رھي آھي تھ پختون قومپرست اڳواڻ جي ڳالھھ مڪمل درست آھي تھ ايوان ۾ اھڙي قرارداد منظور ڪري ان تي عمل ڪيو وڃي.جئين سياست ۾ مداخلت کي روڪڻ جي شروعات ٿئي ۽ ملڪ ۾ عوام جي مرضي سان چونڊيل عوامي نمائندن کي آساني سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي سگھي.
ھر لحاظ سان ان جو جائزو ورتو وڃي تھ محمود خان اچڪزئي جي ڪيل تقرير گھڻي اھميت رکي ٿي.اھو راز ڪو ھاڻي راز نھ رھيو آھي پر ملڪ جي سياسي ڌارا ۾ موجود سياسي ڌريون ان جو ڪھڙو مثبت جواب ڏيڻ ٿيون،اھو وڌيڪ اھم آھي.اصولي طور تي تھ ڪنھن کي بھ ان کان انڪار نھ ڪرڻ گھرجي.ڇاڪاڻ جو ھر ڌر اڳ ۾ اھڙي ئي قسم جي دانھن ڪندي رھي آھي.ھاڻي ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ ان ڳالھھ تي سياسي اسٽيڪ ھولڊرن کي سنجيدگيءَ سان ويچار ڪندي، ان ڳالھھ کي اڳتي وڌائڻ گھرجي ۽ ان کي بنياد بڻائي سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪري اھڙو ھڪ چارٽر طئي ڪرڻ گھرجي،جنھن سان ان ڳالھھ کي حقيقت بڻائجي تھ ملڪ جي سياست ۾ اسٽيبلشسمينٽ جو ڪو ڪردار نھ ھوندو.
ويجھڙ ۾ملڪ جي سياست ۾ ھاءِبرڊ جمھوريت جي ڪيل تجربن بعد تھ اھي سموريون ڳالھيون نڪري نروار ٿينديون آيون آھن، جنھن کي ھاڻي لڪائڻ ممڪن نھ آھي،سمورين سياسي ڌرين کي ھن اھم پاسي ڏانھن سوچڻ ۽ ان بابت بحث ۽ ڳالھين جو ھڪ سلسلو وڌائڻ گھرجي،جئين ملڪي سياست ادارن جي اثر کان آجي ٿي سگھي.
اھو بحث اڃان جاري آھي تھ پي ٽي آءِ،جي حڪومت ڪنھن ٻي ڌر جي ٽيڪ تي ھلي رھي ھئي، اقتدار تان لھڻ بعد خود باني پي ٽي آءِ،ڪئين ڀيرا اھو ذڪر ٿيل ڳالھين جي تصديق ڪري چڪو آھي تھ ھن جي حڪومت ھلائڻ ۾ سندس مدد ڪئي وئي ھئي.ان بعد آيل پي ڊي ايم حڪومت کي بھ ڪنھن نھ ڪنھن ريت تھ ”مٿين“ جي حمايت مليل ھئي.تنھنڪري ھاڻي جڏھن سياست ۾ وڏو ڦيرو اچي رھيو آھي تڏھن اھو گھڻو ضروري ٿي پيو آھي تھ ملڪ جي پارليامينٽ جي خودمختياري ۽ ملڪ جي نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان بنيادي ۽ اھم معاملي تي ويچاري ڪو فيصلو ٿيڻ گھرجي.
برسات متاثرن جي پرگهور لڌي وڃي
سموري ملڪ ۾ بھار جي پھرين وسڪاري سان ٿڌ وڌي وئي آھي،بلوچستان ۾ تھ برسات سبب گھڻو نقصان ٿيو آھي ۽ عوام جي حالت خراب آھي،ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي.ڪراچي سميت سنڌ جي مخلتف علائقن ۾ برسات پئي آھي.ٺٽو، دادو، ٽندو محمد خان ۽لاڙ سنڌ ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات سبب ماڻھو گھر تائين محدود ٿي ويا ۽ ٿڌ وڌي وئي آهي، برسات ۽ تيز هوا سبب ڪڻڪ، سرنھن ۽ ٻئي فصل کي نقصان جو خدشو آھي.
برسات سبب مختلف شهرن ۾ مواصلاتي نظام متاثر ٿيو آھي، ھيٺين ھنڌن تي پاڻي بيھي رھيو آھي.بجليَ جي نظام درھم برھم ٿيڻ جا بھ اطلاع آھن.ٻئي طرف پي ڊي ايم اي جي عملدار ميڊيا موجب ڪراچي ۾ امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جون تياريون مڪمل آهن.لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن کي به پاڻي نيڪال ڪرڻ جون مشينون ڏنيون ويون آهن، موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ برسات جو سلسلو ٻھ مارچ تائين بند ٿي ويندو.
طوفاني برساتن جي اڳڪٿي سبب سنڌ سرڪار صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي ھئي.سرڪاري ۽ نجي ادارن جي ملازمن کي پھرين مارچ تي اڌ ڏينهن جي موڪل به ڏني ھئي.
سنڌ ۾ ھاڻوڪي برسات جي ڪري ڪنھن وڏي نقصان جو اطلاع نھ مليو آھي،پر ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آھي.ان ھوندي حڪومت کي امڪاني نقصان جي جاچ ڪري متاثر ٿيل ماڻھن جي سار لھڻ گھرجي.