سيوهڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ) حضرت لعل شهباز قلندر جي 772 هين سالياني عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن رات جو دير تائين ثقافت کاتي سنڌ پاران شهباز قومي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ چيئرمين شهباز ميلا ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ خصوصي شرڪت ڪئي، ادبي ڪانفرنس ۾ نامور اديبن محققن جن ۾ نظير حيات سيوهاڻي، مير حاجن مير خيرمحمد ٻرڙو، سڪينا ميڊم، عزيز قاسماڻي ، انور ساگر ڪانڌڙو ۽ ٻين مقالا پڙهي ماحول کي مهڪائي ڇڏيو. ادبي ڪانفرنس ۾ تحقيقي مقالا پڙهندي هنن چيو ته قلندر لعل شهباز جي شخصيت ۽ ان جون ڪرامتون دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسلامي ۽ تصوفي پيغام پهچائيندي هتي پهتيون آهن. هنن چيو ته قلندر هڪ وجداني ڪيفيت يا سوچ آهي، قلندر تي تحقيق ۽ ان جي فڪر، سوچ ۽ تصوف تي ڪم جي ضرورت آهي، ته جيئن اسان قلندر جي وڌيڪ معرفت حاصل ڪري سگهون . هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ تاريخي ۽ ثقافتي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿي ۽ سر زمين سنڌ پيرن فقيرن ولين صوفين ۽ بزرگن سان ڀري پئي آهي,جتان امن پيار ۽ محبت جو درس ملي ٿو. اها سنڌ ئي آهي جتي سچل سر مست، شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ قلندر لعل شهباز جهڙن صوفي بزرگن جون آخري آرام گاهون موجود آهن ۽ اهي روحاني تعليم ۽ تربيت جو مرڪز آهن. مقررين سنڌ جي ثقافت کاتي کي ڪامياب ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ تي مبارڪون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر ڊپارٽمينٽ منور علي مهيسر آجياڻي تقرير ڪندي آيل معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو . هن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته قلندر شهباز جي تصوف واري پيغام کي عام ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ڪافي صديون گذرڻ باوجود قلندر اڄ به اسان جي دلين ۾ موجود آهي ۽ پوري دنيا مان لکين عقيدتمند سندس در تي حاضري ڏيڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ ناهي ۽ قلندر جي سحرانگيز ڪشش جي ڪري ئي صوفي عزم جو هتان جي رهواسين تي گھرو اثر رهيو آهي، قلندري ڌمال جو انسان سان روحاني رشتو آهي، جنهن سان هڪ عارف وجداني ڪيفيت ۾ محو ٿي وحدانيت ۾ ضم ٿي ويندو آهي.ادبي ڪانفرنس دوران مير حاجن مير جي ڪتاب سيوهڻ تي ڪاهون حملا ۽ حڪومتون ڪتاب جي مهورت پڻ ڪئي وئي. جڏهن ته ڪانفرنس دوران سنڌ جي ناميارن فنڪارن صنم ماروي، تاج مستاني، طفيل سنجراڻي شمن ميرالي ممتاز ڪنول ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
-
لعل شهباز جي عرس جي دما دم مست قلندر جي صدائن سان پڄاڻي
سيوھڻ: سنڌڙي جي جڳ مشهور عظيم صوفي بزرگ حضرت سخي لعل شھباز قلندر جو 772 ھون سالياني عرس مبارڪ واريون تقريبون پڇاڻي تي پھتيون جڏھن ته قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال تي به عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان ھو عقيدت مند جلوس ڪڍي قلندري ڌمالون ھڻي وجداني ڪيفيت ۾ رقص ڪندي قلندر جي مزار تي عقيدت جو اظھار ڪرڻ ۾ مصروف رھيا جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل لکين زائرين درگاھ قلندر جي مزار تي حاضري ڏيڻ بعد واپس پنھنجي ماڳن طرف روانو ٿيڻ وقت آکين مان لڙڪ لاڙي ويٺا ھنن عقيدتمندي جو اظھار ڪندي چيو ته زندگي رھي ته ايندڙ سال وري ميلي تي اينداسين. ھنن چيو ته لعل شھباز قلندر جي ميلي ۾ ٽي ڏينهن ايئن گذري ويا جو خبر ئي پئجي نه سگھي پر جڏھن اڄ واپس پنھنجي گھر طرف پيا ٿيون ته دل چوي ٿي ته ھميشھ قلندر تي رھجي وڃجي, ڇو ته اولياء الله ۽ ولين جي درن تي روحاني سڪون ملي ٿو اميدن تي دنيا قائم آھي ته من جون مرادون حاصل ڪرڻ لاء وري اچبو بعد ۾ زائرين پنھنجن پنھنجن منزلن طرف روانا ٿيڻ لڳا آهن.
-
قلندر لعل شهباز جي ميندي آڻڻ جي رسم به ادا،وڏي انگ ۾ زائرين شريڪ
سيوھڻ: حضرت سخي لعل شھباز قلندر جي عرس مبارڪ جي ٽئي ڏھاڙي تي لعل داس جي ڪافي تان فقير آسن گل پاران درگاھ قلندر ميندي آڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف ڪافين جي سرگروھن سميت وڏي انگ ۾ فقيرن ۽ شھرين ۽ عقيدتمندن شرڪت ڪئي.