اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي مافيا کي نوازيو ويو: عبدالمالڪ بلوچ

ڪوئيٽا( م ڊ)  نيشنل پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي صدارت هيٺ مير ڪبير محمد شاهي هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿيو، جنهن ۾ نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ جنرل سيڪريٽري جان محمد بليدي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مشڪل صورتحال ۾ ڪارڪنن جيڪا چونڊن ۾ ڪردار ادا ڪيو اهو تعريف لائق آهي، هنن چيو ته بلوچستان جي عوام جي معاشي، سياسي ۽ قومي حقن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويو، جنهن طرح نيشنل پارٽيءَ جي قومي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي مافيا کي نوازيو ويو،ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، هنن چيو موجوده پاليسين ملڪ کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هنن چيو ملڪ جون وڏيون پارٽيون مسئلن کي سياسي بنيادن تي حل ڪرڻ بجاءِ طاقتور ادارن جي بي ٽيم واري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. بلوچستان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، تازيون چونڊون ۽ جيڪي حڪومتون ٺهي رهيون آهن انهن ۾ بلوچستان ۾ مفاهمتي سياسي عمل کي فروغ ڏيڻ جي صلاحيت نه آهي. اجلاس ۾ سينيٽر مير ڪبير محمد شاهي، مير منظور احمد گچڪي، جسٽس آر شڪيل احمد، سينٽر مير محمد اڪرم، سينٽر طاهر بزنجو، رحمت صالح بلوچ، ملڪ ايوب، سرفراز خان، اسلم بلوچ، رفيق کوسا، ميران بلوچ، محراب بلوچ شامل هئا. ، ۽ ٻين ساٿين پڻ خطاب ڪيو. اجلاس ٻئي ڏينهن به ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي صدارت هيٺ جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.